ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ، جعلي چونڊن جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ ۽ عوامي مينڊيٽ جي خلاف 8 فيبروري تي اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ٻاهران هڪ عوامي پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي موقعي تي، جماعت اسلامي جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪئي جن ۾ قائم مقام امير ڪراچي مسلم پرويز، ايم پي اي محمد فاروق، سيد قطب احمد، سفيان دلاور، مدثر انصاري شامل آهن. هن چيو ته 8 فيبروري تي جعلي چونڊن کان پوءِ موجوده نام نهاد جعلي حڪمرانن پاران پرامن احتجاجن ۽ پريس ڪانفرنسن لاءِ ڪارڪنن جون گرفتاريون ۽ تشدد ملڪ ۾ فاشزم ۽ آمريت جو واضح ثبوت آهي ھوڏانھن ملي يڪجھتي ڪائونسل جي صدر ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو سياسي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته اڳواڻن جي گرفتاري ۽ تشدد پاڻ کي عوامي ۽ جمهوري پارٽي هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ پيپلزپارٽيءَ جي منھن تي چماٽ آھي. پرامن احتجاجن تي پوليس جي ظلم فاشزم جي بدترين شڪل ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي..