28هين ترميم جي ضرورت ناهي\سول بالادستي لاءِ وڪيلن جو ڪردار نظر نه پيو اچي\رضا رباني

لاهور(بيورو+عوامي آواز نيوز)اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ پ پ جي سينئر اڳواڻ رضا رباني عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيوآهي ته بار ايسوسيئيشنز جي تاريخ ڊگهيآهي ۽ وڪيلن هميشه آءِن جي بالادستي ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي آهي۔ڪنهن به غير آئيني قدمن خلاف وڪيلن مزاحمت ڪئي، ۽ بار ايسوسيئيشن ڪڏهن به سياسي پارٽين کي استعمال نه ڪيو۔هن چيو ته بار ايسوسيئيشنز جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي ۽ وڪيلن هميشه آءِن جي بالادستي ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي آهي،وڪيلن جنرل مشرف ۽ ايوب خان جي غير آئيني قدمن خلاف به مضبوط تحريڪون هلايون،رضا رباني چيو ته پراڻي اين ايف سي ايوارڊ سان بجيٽ پيش ڪرڻ هڪ قابلِ مذمت قدم آهي۔هن وڌيڪ چيو ته بار ايسوسيئيشنز ڪڏهن به سياسي جماعتن کي استعمال نه ڪيو، پر موجوده بار ايسوسيئيشن جي قيادت جو ڪردار سول بالادستي لاءِ واضح نظر نٿو اچي،هن چيو ته بيان ته ايندا رهن ٿا، پر ماضي وانگر قيادت جو صاف ۽ چٽو موقف سامهون نٿو اچي،هن چيو ته آءِن ۾ ڪيتريون غير ضروري ترميمون ڪيون ويون آهن، ۽ اهي آءِني ترميمون خاص طور تي ججن جي بدلي (ٽرانسفر) ۽ ججن جي مقرري سان لاڳاپيل آهن۔هن چيو ته جيڪا جڊيشل ڪميشن ٺاهي وئي آهي، ان ۾ جڊيشل ميمبرن جو تعداد گهٽ آهي، جڏهن ته جڊيشل ڪميشن ۾ وفاقي وزيرِ قانون جي موجودگي غير ضروري آهي۔”رضا رباني آخر ۾ چيو ته منهنجي خيال ۾ هاڻي آئين ۾ وڌيڪ ترميم جي ضرورت ناهي۔ هاڻي 28هين آئيني ترميم جي ڪا ضرورت نه ٿي رهي، ۽ جيڪڏهن 28هين آئيني ترميم آندي وئي ته آءِن جو ڍانچو وڌيڪ متاثر ٿيندو،”وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته مسنگ پرسن جو معاملو صرف پاڪستان تائين محدود ناهي، اهو عالمي سطح تي پڻ هڪ مسئلو آهي، ۽ قانون موجب سويلين جو ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو۔ عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته هو پاڻ مسنگ پرسنز جي معاملي ۾ جڊيشل ڪميشن جو حصو آهي ۽ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهيا آهيون۔لاپتاماڻهن تي تمام ڪم ڪيو ويو، ڪميشن پڻ ٺاهي وئي ۽ مسنگ پرسنز لاءِ هڪ ريليف پيڪيج متعارف ڪرايو ويو۔دهشتگردي جي واقعن ۾ فوت ٿيل ماڻهن ۾ گهڻا مسنگ پرسنز شامل آهن، ۽ نئين ڪميٽي لاپتا ماڻهن جي معاملي تي وڌيڪ ڌيان ڏيندي۔سوشل ميڊيا تي توهين مذهب کي روڪڻ لاءِ حڪومت ڪيترائي قدم کڻڻ سبب توهين جا ڪيس گهٽ ٿيا آهن،هن چيو ته گھريلو تشدد خلاف قانون سازي پڻ ڪئي پئي وڃي ۽ اسلام آباد ۾ قانون نافذ ٿي چڪو آهي۔اختلاف جو مطلب لڙائي ناهي، پر مهذب معاشري جو حسن آهي۔ماضي ۾ سپريم ڪورٽ ڪيترائي قدم وڌي ڪريز کان ٻاهر ڪم ڪيو، جيئن هڪ وزيراعظم کي موت جي سزا، ٻيا وزير اعظم گھر موڪليا ويا۔26هين آءِني ترميم لاءِ بار ايسوسيئيشنز کي مشورو ڏنو ويو ۽ مسودو سڀني سياسي پارٽين ڏانهن موڪليو ويو۔ججز جي ٽرانسفر جو اختيار صدر ۽ چيف جسٽس وٽ هو، طريقه ڪار بهتر ڪيو ويو ۽ ججز کي مختلف صوبن ۾ بهتر سروس ڏيڻ تي زور ڏنو ويو۔آئيني عدالت پنهنجو ڪم شروع ڪري چڪي آهي ۽ وقت سان معلوم ٿيندو ته فيصلو صحيح هو يا نه۔اعظم نذير تارڑ چيو ته قانون ۽ آءِن تحت سويلين جو ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي انهن جي لاءِ جن فوجي تنصيبات تي حملو ڪيو۔ هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پنجاب ۽ اسلام آباد وٽ سٺا جج آهن، ته ڇا سنڌ ۽ خيبرپختونخوا کي پنهنجي حصي جو حق نٿو ملي؟ سندس چوڻ مطابق آءِني عدالت پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ وقت سان خبر پوندي ته هي فيصلو صحيح هو يا نه۔اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستان ۾ آءِن ۾ ترميم ڪرڻ جو حق صرف پارليامينٽ وٽ آهي، عدالت کي ان حوالي سان ڪو به اختيار حاصل ناهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.