اسلام آباد(بيورو)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ٿيل خودڪش حملي جي مڪمل منصوبابندي داعش افغانستان ڪئي، جڏهن ته حملي جو ماسٽر مائينڊ اسان جي حراست ۾ آهي ۽ سي ٽي ڊي واقعي سان لاڳاپيل سڀني ماڻهن کي گرفتار ڪري چڪي آهي۔اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالههائيندي محسن نقوي چيو ته دهشتگردن جي ساري فنڊنگ ڀارت ڪري رهيو آهي۔ ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ پنهنجو بجيٽ وڌايو آهي۔ جڏهن ٻين ملڪن کي به ڀارت سبب نقصان پهچندو، تڏهن ڀارت خلاف آواز اٿندو ۽ هڪ ڏينهن هر ملڪ ڀارت خلاف ڳالههائيندو،هن ٻڌايو ته نوشهره ۽ پشاور مان چار سهولتڪار گرفتار ڪيا ويا، جن جي گرفتاري ۾ سي ٽي ڊي خيبرپختونخوا مدد ڪئي۔ حملي جو ماسٽر مائينڊ ڪالعدم داعش سان لاڳاپيل آهي ۽ هو اسان جي حراست ۾ آهي۔ اسان وٽ ثبوت موجود آهن ته حملي آور کي ڪيئن آندو ويو۔ ڇاپي دوران خيبرپختونخوا جو هڪ اهلڪار شهيد ٿيو ۽ ڪجهه اهلڪار زخمي به ٿيا۔ حملي جي پلاننگ افغانستان ۾ ڪئي وئي ۽ دهشتگرد کي ٽريننگ به افغانستان ۾ ڏني وئي۔محسن نقوي چيو ته عوام کي گذارش آهي ته اسان جنگي حالت ۾ آهيون، ڪميونٽي انٽيليجنس انتهائي اهم آهي۔ افغانستان مان 21 دهشتگرد تنظيمون آپريٽ ڪري رهيون آهن۔ هو دعويٰ سان چون ٿا ته هڪ ڌماڪو ٿيو، پر 99 ڌماڪا روڪيا به ويا۔هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردن کي سڀ ٽارگيٽ ڀارت ڏئي رهيو آهي ۽ پوري فنڊنگ به ڀارت ڪري رهيو آهي۔ جنهن دهشتگرد کي اڳ 500 ڊالر ملندا هئا، هاڻي 1500 ڊالر ملن ٿا۔ مئي ۾ شڪست کان پوءِ ڀارت دهشتگردي لاءِ بجيٽ ٽي ڀيرا وڌايو آهي۔ جيڪڏهن دهشتگردن جو بجيٽ ڏهن ڀيرا به وڌايو وڃي، اسين ان کي روڪينداسين۔ هن ڀيري بلوچستان ۾ جيڪي به حملا ٿيا، انهن مان ڪو به دهشتگرد بچي نه سگهيو۔ بي ايل اي وڊيوز ٺاهي ٿي جيڪي ڀارتي ميڊيا تي هلايون وڃن ٿيون۔محسن نقوي چيو ته دشمن دشمن هوندو آهي، دشمن جون ڪيٽيگريون ناهن ٿينديون۔ پاڪستان خلاف جنگ ڪندڙن کي ڪيٽيگريز ۾ ورهائڻ نه گهرجي۔ جيڪڏهن دنيا آواز نه اٿاري ته پوءِ پاڻ ڏسي وٺندي ته ان جو ڪيترو نقصان ٿيندو۔ دهشتگرد تنظيمون گڏجي ڪارروايون ڪري رهيون آهن۔ اسان ڪيترائي سوشل ميڊيا اڪائونٽس پڪڙيا آهن جيڪي دهشتگرد به استعمال ڪري رهيا آهن۔ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن اهي اڪائونٽس بند نه ڪيا ويا ته اسان ٻيا آپشن اختيار ڪنداسين۔ اسان ڪڏهن به دهشتگردي جي حمايت نه ڪئي آهي۔آخر ۾ گهرو وزير چيو ته هو سيڪيورٽي ادارن جون ننڍيون ضرورتون به پوريون نٿا ڪري سگهن۔ اسلام آباد جا 93 داخلي رستا آهن، ان کان علاوه ريڊ زون به آهي۔ اسلام آباد پوليس جي 80 سيڪڙو نفري 50 سالن کان وڌيڪ عمر جي آهي۔
اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد جي ترلائي علائقي ۾ واقع خديجته الڪبريٰ مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل 13 ماڻهن جي جنازي نماز ترلائي ڪلان ۾ ادا ڪئي وئي،جنازي نماز ۾ ۾ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، سردار محمد يوسف، راجا خرم نواز سميت گهڻا شهري به شامل هئا۔هن موقعي تي سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا، ۽ پوليس، اي ٽي ايس۽ سي ٽي ڊي جا وڏا اٽالا مقرر ڪيل هئا،جنازي نماز کان پوءِ شهيدن جا مڙهه پنهنجي اباڻي علائقن ڏانهن تدفين لاءِ روانا ڪيا ويا،ٻئي پاسي ڪالعدم شدت پسند تنظيم داعش، اسلام آباد جي ترلائي ۾ مسجد خديجۃ الڪبريٰ تي حملو ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪئي آهي۔