اسلام آباد امام بارگاهه سانحو امن تي حملو آهي: سنڌ بار

  1. ڪراچي  (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن اسلام آباد جي امام بارگاهه ۾ خودڪش حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن اسلام آباد ۾ امام بارگاهه تي ٿيل خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي، جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته دهشت گردي جي لاءِ مهذب سماج ۾ ڪا به جاءِ ناهي ۽ مذهبي عبادتگاهه تي حملي کي ناقابل معافي ڏوهه قرار ڏيون ٿا، بار ايسوسيئيشن وزيراعظم شهباز شريف، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ۽ سيڪيورٽي ادارن کي شفاف جاچ ڪرڻ ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهرن ۾ آڻڻ جي اپيل ڪئي آهي، اعلاميه ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حڪومت ملڪ جي سڀني مذهبي هنڌن جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سانحي جي شهيدن لاءِ دعا ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار پڻ ڪيو.
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.