وڏي وزير پاران اسلام آباد ڌماڪي تي تعزيت جو اظهار

ڪراچي ( رپورٽر )  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسلام آباد ۾ امام بارگاهه قصرِ خديجتہ الڪبريٰ ويجهو ٿيل خودڪشحملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ترجمان موجب وزيراعليٰ سنڌ معصوم جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعليٰ سنڌ چيو آهي ته دهشتگرد معصوم شهرين جون جانيون وٺي آخر پاڻ کي ڪهڙي طرح جهادي سڏين ٿا؟ اهڙيون ڪارروايون انسانيت سميت سمورن انساني قدرن جي توهين آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته قوم دهشتگردن کي انجام تائين پهچائي ئي دم وٺندي، ۽ پوري قوم گڏجي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته مذهب جي نالي تي انسانن جو قتل سراسر حيوانيت آهي، جڏهن ته دنيا جا سڀ مذهب امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏين ٿا، ۽ ڪو به مذهب دهشتگردي جي اجازت نٿو ڏئي. وزيراعليٰ سنڌ شهيدن جي وارثن سان گهري همدردي جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي آهي. آخر ۾ وزيراعليٰ سنڌ دعا ڪئي ته الله پاڪ وطن عزيز پاڪستان کي دهشتگردي جهڙي ناسور کان هميشه محفوظ رکي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.