عبادت گاھن کي حملي جو نشانو بڻائڻ بزدلاڻو عمل آھي\شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اسلام آباد جي مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي فتنھ االخوارج جي نمازين تي حملي جھڙي ڪريل دھشتگردي کي انسانيت، امن ۽ مذھبي قدن تي حملو قرار ڏنو آھيپنھنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو تھ عبادتگاھن کي حملي جو نشانو بڻائڻ بزدلاڻو عمل آھي، اھڙا واقعا ڪنھن به صورت برداشت جوڳا ناھن، مسجد جھڙي مقدس جاءِ ۾ بي گناھ نمازين کي نشانو بڻائڻ پوري قوم جي لاءِ صدمي جو ڪارڻ آھي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت پاران شھيدن جي پونئرن سان دلي ھمدردي ۽ تعزيت جو اظھار ڪريان ٿو، هن جو چوڻ ھو ته دھشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم متحد آھي، شرپسند عنصر پنھنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪڏھن به ڪامياب نھ ٿيندا، امن امان جي قيام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي گڏيل سھڪار سان اثرائتا قدم اڻٽر آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.