اسلام آباد واقعو سيڪيورٽي نااهلي آهي: قومپرست

                         ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي اسلام آباد ۾ امام بارگاھ تي حملي ۾ بيگناھ ماڻھو شھيد ڪرڻ واري واقعي جي شديد مذمت ڪندي دھشتگردن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي،هن چيو ته واقعي سبب دنيا کي ميسيج مليو آھي ته پاڪستان جي گادي وارو شھر محفوظ ناھي ته باقي ملڪ جا ماڻھو ۽ شھر ڪيئن محفوظ ھوندا. وفاقي حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن کي پنھنجي ڪارڪردگي جائزو وٺڻ گھرجي. دھشتگردن جو نيٽ ورڪ ايترو مضبوط ۽ خطرناڪ ڪيئن ٿي ويو جو اھي گادي واري شھر ۾ عبادگاھن ۽ نمازين کي ٽارگيٽ ڪري رھيا آھن،هوڏانهن سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي آپگھاتي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته واقعي ۾ ملوث دھشتگردن کي ۽ سهولتڪارن کي سخت سزا ڏني وڃي نيشنل ايڪشن پلان تي سخت عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي ٻئي پاسي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بيگناهه ۽ معصوم انسانن کي نشانو بڻائڻ انسانيت ۽ مذهب خلاف کليل دهشتگردي آهي. هن چيو ته گادي واري شهر ۾اهڙو حملو حڪومت جي سيڪيورٽي نااهلي ۽ رياستي ناڪامي جو ثبوت آهي، جتي حڪومت رڳو مذمتي بيانن تائين محدود ٿي وئي آهي، دهشتگردي ۾ ملوث سمورن عنصرن ۽ سهولتڪارن کي فوري طور بي نقاب ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.