ڪراچي(پ ر)ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ۽ پاپولر ليفٽ الائنس جي ڪنوينر ڪامريڊ امداد قاضي اسلام آباد ۾ ٿيل بم ڌماڪي تي سخت ردِعمل ظاهر ڪندي ان کي لاڳاپيل ادارن ۽ ايجنسين جي ناڪامي قرار ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هن واقعي ۾ ملوث سمورن ڏوهارين کي گرفتار ڪري انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن مطالبو ڪيو ته نمائنده حڪومتن جي ذريعي حالتن کي معمول تي آڻڻ جو رستو اختيار ڪيو وڃي،