بلوچستان ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل دهشت گردي جنهن ۾ 12 شهرن کي نشانو بڻايو ويو تنهن کان پوءِ وري ڪالهه اسلام آباد جي امام بارگاهه ۾ ٿيل دهشت گردي جنهن ۾ آخري رپورٽن موجب ٽن درجن کان وڌيڪ شهرين جي مارجڻ ۽ ٻه سئو کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن سي انگ وڌي به سگهن ٿا.
اهڙن واقعن تي هميشه حڪمرانن طرفان بيان ايندا آهن ته دهشتگردي کي چٿيو ويندو ۽ دهشت گردن کي عبرت ناڪ انجام تي رسايو ويندو. اهو به چيو ويندو آهي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشت گردي ۾ ڀارت ۽ افغانستان جا ملڪ ملوث آهن. پر پوءِ به ڏٺو اهو ويو آهي ته دهشت گرديءَ کي ملڪي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا روڪڻ ۾ ناڪام ٿيندا رهيا آهن. هڪ پاسي اسان ايٽمي ملڪ هئڻ جا دعويدار هوندا آهيون ۽ ٻئي پاسي سيڪيورٽي جو عالم اهو آهي ته اسان دهشت گرد تنظيمن کي دهشت گردي کان روڪي ناهيون سگهيا. اسان جيڪڏهن ڀارت کي جنگ ۾ شڪست ڏئي سگهون ٿا ته دهشت گرد تنظيمن سان ڇو نه ٿا مقابلو ڪري سگهون.
اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن اسان گل پلازا کي لڳل باهه تي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري سگهون ٿا ته پوءِ هر دور ۾ ملڪ اندر ٿيل دهشت گردي ۽ ان کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي ڇو نه انڪوائري جو مطالبو ڪجي ته اها دهشت گردي جو هميشه کان ٿيندي رهي آهي ۽ ان کي روڪي نه سگهڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن، ڪهڙيون انتظامي ڪوتاهيون آهن جن کي بي نقاب ڪري اڳتي لاءِ بهترين رٿابندي ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي اولين ذميواري حڪومتن جي هوندي آهي تنهن ڪري حڪومتي ادارن کي عوام جي جان جي تحفظ واري ذميواري هر قيمت تي ادا ڪرڻي هوندي آهي. اها به حقيقت آهي ته ان دهشت گردي جي واقعن ۾ فوج، رينجرز ۽ پوليس اهلڪار به عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ واري فرض جي ادائيگي ۾ پنهنجي حياتي وڃائي شهادت جو رتبو به ماڻيندا رهيا آهن. سو فوج، رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن جي شهادتن جي به اها تقاضا آهي ته دهشت گردن جي نيٽ ورڪ کي مڪمل طور تي نابود ڪرڻ جي حڪمت عملي يا پاليسي طئي ڪرڻ گهرجي جيئن ڪنهن به دهشت گرد کي ملڪ جي سرحدن اندر داخل ٿيڻ جو موقعو نه ملي سگهي.
سوچڻ جو اهو ئي موقعو آهي ته اهڙو ڇا ڪجي جو ڪنهن دهشت گرد کي ملڪ جي سرحدن اندر دهشت گردي يا تخريب ڪاري جي همت نه ٿي سگهي. ان حوالي سان پاڻ کي ملڪي تاريخ جو هڪڙو ئي طاقت ور ۽ فيصلائتو آپريشن سجهي ٿو جيڪو سال 2013 ۾ مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت نواز شريف جي وزارت عظمي ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي نالي سان ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ملڪ اندر هڪدم امن قائم ٿي ويو هو ۽ ان آپريشن کان پوءِ هر قسم جي دهشت گردي، تخريب ڪاري، ٽارگيٽ ڪلنگ، فرقيواريت، ڀتا خوري ۽ ڌاڙيلن جي وارداتن کي ٻنجو اچي ويو هو. هاڻي سوال اهو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جهڙو ڪامياب ترين آپريشن کي ڇو روڪيو ويو يا ڇو جاري نه رکيو ويو. جڏهن ته اسان وٽ مثال طور اهو آپريشن موجود به آهي. سو دهشت گردي جي واقعن کي ڏسي ان ڪري به اهو خيال اچي ٿو ته هن معاملي تي مڪمل طور تي جاچ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي سئو سيڪڙو ڪاميابي جو راز ڇا هو ۽ اهو آپريشن ڇو مستقل طور تي جاري نه رکيو ويو. جيڪڏهن اسان صرف نيشنل ايڪشن پلان واري آپريشن جو ئي جائزو وٺنداسين ته اڇو ۽ ڪارو سڀ ظاهر ٿي ويندو.
سو دهشت گردي کي روڪڻ جو هڪ مثال پاڻ وٽ نيشنل ايڪشن پلان واري آپريشن جو آهي جڏهن ته ٻيو پاسو نظرياتي ۽ پاليسيءَ جو آهي جنهن جو ذڪر هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي ته درست ۽ پرامن پاليسيون جوڙيون وڃن، سڀني ماڻهن کي برابري جي بنياد تي حق ملن ته ممڪن آهي ته پنهنجا حق هٿياربند ۽ پرتشدد سياست ذريعي نه ماڻين. اهو به چيو ويندو آهي ته پاڪستان جيڪڏهن پنهنجن پاڙيسيري ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا قائم رکي ته ممڪن آهي ته دشمنيون ڳچيءَ ۾ نه پون. جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي پاليسيءَ تي هلجي ته ممڪن آهي ته ڪنهن کي دهشت گردي ذريعي حملو ڪرڻ جي ضرورت نه پوي. ٽيون طريقو سخت سيڪيورٽي جو آهي ته ان کي جديد دور جي ٽيڪنالاجي سان مسلح ڪيو وڃي ۽ سيڪيورٽي جا اهڙا انتظام ڪيا وڃن ته جيئن دهشتگردن کي دهشت گردي جو موقعو ئي نه ملي سگهي.
مطلب ته ملڪ جي عوام کي امن ۽ تحفظ گهرجي. اهو جيئن به ممڪن هجي تيئن ملڻ گهرجي. ان لاءِ پرامن ۽ ڀائيچاري واري پاليسي اختيار ڪئي وڃي، سيڪيورٽي جي انتظامن کي سگهارو بڻايو وڃي يا نيشنل ايڪشن پلان جهڙو فيصلائتو آپريشن ڪيو وڃي. اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته نيشنل ايڪشن پلان وارو آپريشن جنهن حڪمران جماعت جي دور ۾ ٿيو هو سا جماعت اڄ به حڪمران آهي تنهن ڪري ان کي جيئن ته اهڙي فيصلائتي آپريشن ڪرڻ جو تجربو ٿي چڪو آهي تنهن ڪري ان کي پنهنجي پراڻي تجربي مان فائدو وٺڻ گهرجي يا ٻين آپشنز تي ويچاريو وڃي.