” عورتون ئي عورتن کي هيٺانهون ڏيکارڻ لڳيون“ هانيا عامر جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپر اسٽار هانيا عامر سوشل ميڊيا تي ڪامياب ۽ خوش عورتن خلاف وڌندڙ نفرت تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سماج ۾ عورتن کي بنا سبب تنقيد ۽ ”بُلنگ“ جو منهن ڏسنُ پيو ٿو.
هانيا عامر ويجهڙائي ۾ پنهنجي ڊرامي ”ميري زندگي هي تو“ ذريعي وڏي شهرت ماڻي آهي.
سندس چوڻ آهي ته لاڳيتو ناڪاري تبصرن ۽ تنقيد کيس ذهني طور ايڏو ٿڪائي وڌو هو جو هن ڪجهه وقت لاءِ سوشل ميڊيا کان وقفوورتو هو.
اداڪارا موجب، ڪجهه وقت تائين هوءَ اهو سوچيندي رهي ته شايد غلطي سندس شخصيت يا انداز ۾ آهي، پر پوءِ کيس احساس ٿيو ته مسئلو اصل سماجي روين ۾ آهي.
هن چيو ته اسان وٽ خوش ۽ ڪامياب عورتن کي نشانو بڻايو ويندو آهي ۽ هي ناڪاري رويو رڳو مردن تائين محدود ناهي، پر عورتون به هڪٻئي کي هيٺانهون ڏيکارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿيون.
هن چيو ته ”ماڻهو ڇا چوندا“ واري سوچ هاڻي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تائين منتقل ٿي چڪي آهي، جتي عورتن کي رنگ، جسماني بيهڪ ۽ ظاهري شڪل جي بنياد تي پرکيو وڃي ٿو.
هانيا عامر عورتن کي اپيل ڪئي ته اهي هڪٻئي خلاف نفرت پکيڙڻ بدران گڏيل سهڪار کي هٿي ڏين، ڇو ته بنا سبب تنقيد سماج ۾ ناڪاري لاڙن کي وڌائي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.