لاهور (ويب ڊيسڪ) زمبابوي جي وومينز جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ڀيرو پاڪستان جي دوري تي 29 اپريل تي ڪراچي پهچندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 6 وائيٽ بال ميچون کيڏيون وينديون.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل شيڊيول موجب،3 ون ڊي ميچون آءِ سي سي وومينز چيمپئن شپ 2025-29 جو حصو هونديون، هڙئي ميچون نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.
شيڊيول موجب، هڪ ڏينهن واريون ميچون 3، 6 ۽ 9 مئي تي منجهند ساڍي 3 وڳي شروع ٿينديون، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل سيريز 12، 14 ۽ 15 مئي تي کيڏي ويندي.
ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون رات ساڍي 7 وڳي شروع ٿينديون، ٽي ٽوئنٽي سيريز وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تياري ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 12 جون کان 5 جولاءِ تائين انگلينڊ ۽ ويلز ۾ کيڏيو ويندو، پاڪستان وومينز ٽيم ورلڊ ڪپ کان اڳ آئرلينڊ ۾ ٽه ملڪي سيريز به کيڏندي.