محمود اچڪزئي، اسد قيصر ۽ ٻين جي فضل الرحمان سان ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 8 فيبروري جي احتجاج جي حوالي سان تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي وفد، جمعيت علماءِ اسلام  جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي. رپورٽ مطابق، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي هڪ وفد جي يو آءِ-ايف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو. وفد ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي، قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر، عاطف خان، جنيد اڪبر، ۽ اخونزاده حسين يوسفزئي شامل هئا. مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽر مولانا عبدالواسع، ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.