ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي 14 ورهين کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي پارلياماني ڪانفرنس جي ميزباني لاءِ تيارآهي، ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وفدن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.گِلگت بلتستان اسيمبلي جو اسپيڪر نذير احمد ۽ قومي اسيمبلي ميمبر تمڪين اختر نيازي ڪراچي پهچي ويا آهن. گلگت بلتستان اسيمبلي اسپيڪر جي ڪراچي ايئرپورٽ آمد جي موقعي تي ايم پي اي ڄام شبير علي خان، صائما آغا ۽ يوسف بلوچ پاران سندس آجيان ڪئي وئي ۽ گلدستو پيش ڪيو ويو. قومي اسيمبلي ميمبر تمڪين اختر نيازي جي آمد جي موقعي تي ايم پي اي صائما آغا، تنزيلا امِ حبيبا ۽ هير سوهو پاران آجيان ڪئي وئي. سنڌ اسيمبلي، اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي قيادت هيٺ اڄ کان 7 فيبروري 2026ع تائين ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) ايشيا ريجن جي ستين، ۽ سي پي اي ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجن جي ٻي گڏيل پارلياماني ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهي آهي. ڪانفرنس ۾ 17 قانون ساز ادارن جا 150 کان وڌيڪ پارليامينٽ ميمبر، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ پارلياماني ماهر شرڪت ڪري رهيا آهن.“مستقبل جون پارليامينٽون: اعتماد، شموليت، جدت ۽ امن وسيلي جمهوريت جي نئين سر جوڙجڪ” جي عنوان هيٺ ڪانفرنس ۾ پارلياماني تعليم، غلط ڄاڻ ۽ جعلي خبرن جي پکيڙ، موسمي تبديلي، پارلياماني جوابدهي، صنفي معاملن، ٽيڪنالاجي ۽ علائقائي سهڪار جهڙن اهم موضوعن تي تفصيلي بحث ڪيو ويندو.