پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي هڪ شاگردياڻي طرفان حڪومت جي ڪارڪردگي بابت پڇيل سخت سوالن جو تسلي بخش جواب نه ڏئي سگھيو ۽ شاگردياڻي تي سياسي جماعت سان تعلق جو الزام لڳايو ويو، پشاور ۾ ينگ ليڊرز پارليامينٽيرين ڪنوينشن دوران سهيل آفريدي کان هڪ شاگردياڻي جو سوالن جو سيشن ٿيو، شاگردياڻي سوال ڪيو ته جعلي حڪومتون ترقي ڪري رهيون آهن، پر خيبرپختونخوا ۾ 13 سال کان اصلي حڪومت هئڻ باوجود صوبو ڇو پٺتي پئجي رهيو آهي، شاگردياڻي چيو ته اوهان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، ٻڌايو ته صوبي کي اوهان ڇا ڏنو آهي، شاگردياڻي چيو ته جيتري به ترقي ٿي آهي اها ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي گهرن ۾ ٿي آهي پر صوبي ۾ جيڪا ڪرپشن ٿي آهي، ان جو توهان ڇا ڪيو؟ ٻين صوبن سان خيبرپختونخوا جو مقابلو ڪيو وڃي ته اسان ڪيتري ترقي ڪئي آهي، سهيل آفريدي شاگردياڻي کي جواب ڏيندي چيو ته توهان جو تعلق ضرور اي اين پي يا ڪنهن ٻي پارٽي سان هوندو، وڏي وزير اهوبه چيو ته شاگردياڻي جي سوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو ڪنهن سياسي جماعت سان تعلق رکي ٿي.