ڪنهن به قوم جو مستقبل تباهه ڪرڻو هجي ته ان جي نوجوانن کي منشيات طرف ڌڪڻو آهي، هونئن ته سڄي دنيا ۾ نشو واپرائڻ ڪو غيرقانوني عمل نه آهي پر پاڪستان ۾ منشيات خلاف حڪومتون تمام وڏو ناڻو خرچ ڪري ٿي پر تنهنجي باوجود منشيات استعمال ڪندڙن جو تعداد گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي ٿو، منشيات جا هونئن ته ڪيترائي قسم آهن پر هڪ نئون نشو جنهن کي آئيس چيو وڃي ٿو هن نشي ۾ اسان جي نوجوانن جو هڪ وڏو انگ ور چڙهيل آهي.
ملير جي سڀ کان وڏي سامونڊي پٽي جنهن کي ابراهيم حيدري، لٺ بستي، واڳون ڏر، ريڙهي ڳوٺ تي رهندڙ ماهيگيرن جو وڏو انگ ڪچي شراب، چرس، آفيم، هيروئن ۽ آئيس استعمال ڪرڻ جا انگ اکر هر سال جيان هن سال به وڌيل نظر اچن ٿا، ان ڏس ۾ مليل انگ اکرن موجب ابراهيم حيدري ۾ منشيات جي وڪري جو مسئلو بنا ڪنهن خوف جي کليل طور جاري آهي جتي ماڻهو منشيات جيئن هيروئن، آئيس وغيره ۽ غير قانوني شراب کليل بازارن ۾ خريد ۽ وڪرو ڪندا آهن 2023 جي ڊيٽا مطابق روزانو تقريباً 40,000 هيروئن جي وڪرو ٿيڻ جو اندازو لڳايو ويو هو، ۽ منشيات وڪڻندڙن جو تعداد 50 کان وڌي ڪري 500 کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي، اهو انگ روايتي پوليس يا سرڪاري شماري تي ٻڌل نه آهي پر هڪ رپورٽنگ ۽ مقامي شڪايت جي بنياد تي آهي تحقيقي صحافتي مواد حقيقي سرڪاري انگ اکر دستياب نه آهن. لڳ ڀڳ 50-55 منشيات فروش جو ذڪر آهي جڏهن ته 2025 ۾ اهو انگ 700 کان مٿي پهچي ويو هن واڌ جو مطلب آهي ته نه صرف تعداد وڌي رهيو آهي پر آدمشماري به وڌي آهي خاص ڪري نوجوانن، عورتن ۽ ٻارن لاءِ ڪو به مستند سرڪاري فهرست يا تحقيق موجود ناهي جيڪا ٻڌائي ته ڪيترا منظم گروپ جنهن کي ڊرگ مافيا جو نالو ڏجي ته وڌاءَ نه چئبو.
هڪ اها به رپورٽ به آهي ته نارڪو ٽيڪس جي تصديق مطابق ماهيگيرن جي وسندين ۾ ڊرگ مافيا جو نيٽ ورڪ الهائي مضبوط آهي جنهن جي پويان بااثر قوتون شامل آهن، ريڙهي ڳوٺ ۽ ابراهيم حيدري جهڙن سامونڊي ڳوٺن ۾ نوجوان ۽ ٻار به نشيءَ جا عادي ٿي چڪا آهن جنهنجو وڏو ڪارڻ غربت، بي روزگاري ۽ گهٽ تعليم ۽ شعور نه هجڻ پڻ شامل آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ سرڪار جتي ٻين شعبن ۾ خاطر خواهه نتيجا عوام سامهون آندا آهن اتي ماهيگيرن جي وسندين سميت سڄي سنڌ مان منشيات جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ ترت اهڙا اپاءَ وٺي جنهن سان سنڌ جي نوجوانن کي ان لعنت کان بچائي انهن جي بهتر مستقبل لاءِ وک وڌائجي.