اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ تعاون تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبائي حڪومت امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌيڪ وڌائي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجبوزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي سومر ڏينهن هتي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. صوبي ۾ امن امان جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ تعاون کي اڻٽر قرار ڏيندي وزيراعظم چيو ته امن امان جي قيام لاءِ صوبائي حڪومت جي ڪوششن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ صوبائي ادارن کي مضبوط ڪري. وزيراعظم چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکنديون. خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي قيام ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ صوبائي حڪومت کي پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي. خيبرپختونخواهه وفاق جي هڪ اهم ڌُر آهي، صوبي جي عوام جي خوشحالي لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجي دائري اختيار مُوجب ڀرپُور ڪوششون جاري رکندي. وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته خيبر پختونخوا جي قبائلي ضلعن لاءِ 2600 ارب رپين جا فنڊ رڪيل آهن، جڏهن ته وزيراعظم قبائلي ضلعن لاءِ رڪيل 26 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته وادي تيراهه، ڪرم ۽ باجوڙ جا ماڻهو جيڪي قربانيون ڏئي رهيا آهن، انهن لاءِ 4 ارب رپيا ڪا وڏي رقم ناهي. جيڪڏهن انهن علائقن جي عوام جي قربانين کي 4 ارب رپين سان جوڙيو ويندو ته پوءِ اها عوام جي قربانين کان انڪار جي برابر هوندي. سهيل آفريدي چيو ته وزيراعظم سان ملاقات دوران پي ٽي آءِ باني يا سندس ڀينرن سان ملاقات جي حوالي سان ڪا به ڳالهه نه ٿي ۽ ملاقات ۾ ڪنهن به سياسي معاملي تي بحث نه ٿيو. دهشتگردي وارن واقعن بابت سوال جي جواب ۾ ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته دهشتگرد جو نه ڪو صوبو هوندو آهي ۽ نه ئي ڪو ملڪ. هن وڌيڪ چيو ته عيد کانپوءِ وزيراعظم سان ٻيهر ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ دهشتگردي بابت ڳالهايو ويندو.