سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان اغوا ڪيس ۾ ڪاوڙ، آءِ جي سنڌ طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ جي جسٽس عدنان الڪريم ۽ جسٽس ذوالفقار احمد سانگي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ڪاروباري تڪرار تي اغوا ۽ ڀنگ واري ڪيس تي عدالت آءِ جي سنڌ جي رپورٽ نه ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي ٿي آءِ جي سنڌ کي طلب ڪري ورتو، عدالت ايف آءِ آر لکندڙ اي ايس آءِ رشيد کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته درخواستگذار ۽ جوابدار جي وچ ۾ 31 ڪروڙ رپين جي ٽرانزيڪشن تي تڪرار آهي، گذري پوليس 22 جنوري تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ڌريون هڪ ٻئي خلاف چيڪ بائونس جا ڪيس داخل ڪيا آهن، جسٽس ذوالفقار احمد سانگي چيو ته ڌرين جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي ڪاروباري تڪرار هو، تنهنڪري اغوا جو ڪيس ڇو داخل ڪيو ويو؟ جوابدارجو سي آر او ڇو نه ٺاهيو ويو؟ توهان کي خبر هئي ته جيڪڏهن سي آر او ڪيو وڃي ته اغوا جو ڪيس ڪمزور ٿي ويندو، جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن اهو رجحان بڻجي ويو ته پوليس خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويندو، عدالت چيو ته پوليس به ٽن يا چئن ڏينهن رکڻ کان پوءِ گرفتاري ڪري ٿي، عدالت چيو ته ڇا پوليس خلاف به اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ گهرجي؟ عدالت چيو ته سنڌ جي آءِ جي کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ڪجهه به نه ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.