ڪراچي (پ ر) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پنجاب ۾ گڊ گورننس ۽ ٿاڻي ڪلچر جو پردو هڪ تازي واقعي ظاهر ڪري ڇڏيو، حافظ نعيم الرحمان سوال ڪيو ته ٿاڻي کي اها همت ۽ اختيار ڪنهن ڏنو ته هو هڪ مظلوم شهرِيءَ کي ٽارچر ڪري؟ ڪجهه آفيسرن کي برطرف ڪرڻ جو شاهاڻو حڪم جاري ڪيو ويو آهي، پنجاب ۾ هيٺين سطح تائين بااختيار مڪاني نظام ڇو ناهي؟ اختيارن جو مرڪز هڪ خاندان ڇو آهي؟ هن زور ڏنو ته سڀ اختيار هڪ خاندان جي هٿن ۾ رکڻ جو نظام هاڻي تبديل ٿيڻ گهرجي، لاهور ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، پوليس جو شهرين سان رويو ڪيئن آهي سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ويو.