اسلام آباد(امتيار گل)بلوچستان ۾ عسڪريت پسندي جو نئون مرحلو،حملا رياست لاءِ بدلجندڙ سيڪيورٽي چئلينج آهي31 جنوري تي بلوچستان جي مختلف ضلعن جن ۾ نوشڪي، مستونگ، گوادر، ڪيچ، خاران، ڪوئٽه، دالبندين، اورماڙه ۽ ڀرپاسي جا علائقا شامل آهن، اتي جيڪو ڪجهه پيش آيو اهو رڳو ڪجهه الڳ الڳ دهشتگرد واقعن جو سلسلو نه هو، پر اهو هڪ منظم، هم وقت ۽ گهڻن ضلعن تي ٻڌل جهٽڪو آپريشن هو، جنهن جو مقصد علائقن تي قبضو ڪرڻ گهٽ ۽ رياست کي اهو پيغام ڏيڻ وڌيڪ هو ته بغاوت پنهنجي حڪمت عملي رياست جي مقابلي ۾ ڪافي تيزي سان تبديل ڪري رهي آهي، هٿياربند ماڻهن پوليس ٿاڻن، انتظامي آفيسن ۽ جيلن تي حملا ڪيا، مڇ ۽ مستونگ جيلن سميت ڪجهه حراستي مرڪزن مان قيدين جي آزادي ۽ هٿيار حاصل ڪرڻ بابت رپورٽون سامهون آيون، ريلوي نظام کي نشانو بڻايو ويو، جيڪب آباد ڀرسان جعفر ايڪسپريس متاثر ٿي ۽ ڪوئٽه مان هلندڙ وڏين ٽرينن جي سروس معطل ڪرڻي پئي، گوادر ۾ غير مقامي مزدور آباديون خوف سبب پاڻ کي ڪالونين تائين محدود ڪرڻ تي مجبور ٿي ويون، جيتوڻيڪ ان کانپوءِ فوج طرفان علائقن کي ڪليئر ڪرڻ ۽ درجنين حملا ڪندڙن جي مارجي وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو، پر انهن حملن جو نفسياتي اثر انهن جي عارضي مدت کان ڪٿي وڌيڪ گهرو ثابت ٿيو، انهن ڪارروائين جو سڀ کان نمايان پهلو تشدد جي انداز ۾ تبديلي هو، جتي هڪ کان پوءِ ٻيو حملو ڪرڻ بدران هڪ ئي وقت ڪيترن ضلعن کي نشانو بڻايو ويو، جيڪو روايتي طور “شاڪ اينڊ پيراليسس” حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿو، ان سان سيڪيورٽي ردعمل جي صلاحيت کي هڪ ئي وقت دٻاءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪيترن ڪلاڪن تائين مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪرڻ جي صلاحيت، خاص طور تي جيلن جهڙن حساس هدفن کي نشانو بڻائڻ، بهتر رابطي، معلومات تائين پهچ ۽ مقامي لاجسٽڪ سهولتن يا گهٽ ۾ گهٽ مقامي مزاحمت ۾ گهٽتائي ڏانهن اشارو ڪري ٿي، اهو تاثر به سامهون اچي ٿو ته عسڪريت پسندن جو ڍانچو محدود خانن بدران هڪ نيٽ ورڪ جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته “هيروف ٽو” جهڙن حوالن ذريعي انهن حملن کي هڪ جاري مهم طور پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ علامتي پيغام رساني کي ميدانِ جنگ جي نتيجن جيتري اهميت ڏني پئي وڃي، هن سموري صورتحال ۾ اصل ڳڻتي رڳو اها ناهي ته عسڪريت پسند ڪٿي ۽ ڪيئن حرڪت ۾ آيا، پر وڌيڪ سنجيده سوال اهو آهي ته رياست سماجي سطح تي ڪٿي غير موجود نظر آئي، انسدادِ بغاوت جي نظرين موجب پائيدار امن عوامي سهڪار کان سواءِ ممڪن ناهي، ۽ جڏهن سماج جا طبقا پاڻ کي سياسي طور محروم، معاشي طور نظرانداز ٿيل ۽ ادارن کان بي اعتبار محسوس ڪن ٿا ته خاموشي پاڻ بغاوت جي مددگار بڻجي وڃي ٿي، موجوده واقعا انهن انٽيليجنس خامين ڏانهن اشارو ڪن ٿا جن جون پاڙون رڳو عسڪري ڪمزوري ۾ نه پر گهري سياسي بيگانگي ۾ سمايل آهن، ان کان علاوه عسڪريت پسندي ۾ عورتن جي شموليت هڪ انتهائي اهم ۽ ڊگهي عرصي تائين اثر ڇڏيندڙ تبديلي طور سامهون اچي رهي آهي، ڪراچي يونيورسٽي حملي کان وٺي بعد جي واقعن تائين ۽ هاڻي اورماڙه ۾ عورتن جي حملا ڪندڙن ۾ شامل هجڻ بابت رپورٽون ان ڳالهه جو اشارو آهن ته اهو رڳو عارضي شدت ناهي، پر نفسياتي ۽ نظرياتي سطح تي هڪ نئون موڙ آهي، خاص طور تي جڏهن اهي عورتون تعليمي يا قومپرست پس منظر رکن ٿيون، ان سان روايتي سيڪيورٽي مفروضا چيلينج ٿين ٿا ۽ اهو ظاهر ٿئي ٿو ته شڪايتن ۽ محرومين جو بيان انهن سماجي حلقن تائين به پهچي چڪو آهي جن کي اڳ ۾ نسبتاً مستحڪم سمجهيو ويندو هو، جڏهن ڪا تحريڪ صنفي ۽ طبقاتي حدن کان اڳتي وڌڻ لڳي ٿي ته ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته ٽڪراءُ هاڻي رڳو حاشيي تي محدود ناهي رهيو، پر هڪ ڪميونٽي جي سياسي شعور جي مرڪزي وهڪري ۾ داخل ٿي چڪو آهي، بلوچستان جو تڪرار هاڻي سڃاڻپ جي سياست، اعتماد جي کوٽ ۽ انصاف ۽ نمائندگي بابت تڪراري تصورن جي چوڌاري ڦري رهيو آهي، ۽ جيستائين سنجيده سياسي شموليت، جامع طرزِ حڪمراني ۽ مقامي سطح تي فيصلا سازي ۾ حقيقي شرڪت کي يقيني نه بڻايو ويندو، سيڪيورٽي فورسز جي هر حڪمت عملي جي ڪاميابي عسڪريت پسندي جي ممڪن اسٽرٽيجڪ فائدي سان توازن ۾ رهندي، تنهن ڪري 31 جنوري کانپوءِ اصل سوال اهو ناهي ته ڪيترا حملا ڪندڙ ماريا ويا، پر اهو آهي ته ڪيترا شهري پاڻ کي ان نظام ۾ بي حصو محسوس ڪري رهيا آهن جيڪو انهن تي حڪمراني جو دعويدار آهي۔