مٺي(رپورٽ:غازي بجير)جي يو آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته خيبرپختونخواه جي علائقي چارسدہ ۾ اسان جي ڪارڪن شيخ مولانا ادريس رع کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو جنهن جي مذمت ڪجي ٿي،منهنجي والد کي مسجد ۾ شهيد ڪيو ويو،مولانا فضل الرحمان تي 3 خودڪش حملا ٿيا،قاتلن جي گرفتاري لاء سڀاڻي ۽ جمع جي ڏينهن پوري ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، مٺي ۾ جي يو آئي صوبي سنڌ جي صدر عبدالقيوم هاليجوي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾امن لاءِ ڪوشش جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو،هن چيو ته سنڌ ۾ جي يو آءِ جي سنڌ امن مارچ جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت ڏنڊو کنيو ڌاڙيلن سان معاهدو ڪيو ۽ ڌاڙيل کي سرينڊر ڪرايو،ٻي پاسي پنهنجي سردارن کي مجبور ڪيو جيڪو 15 ڏينھن کان سکر سرڪٽ هائوس ۾ ويٺل آهن پر فتويٰ نٿا ٻڌائن جلد فتويٰ ٻڌائي وڃي،اڄ اهو پڻ طئه ٿيو آهي 19,20,21 مارچ 2027 ۾ سکر ۾ دنيا جي تاريخ جو وڏو اجتماع منعقد ڪيو ويندو جنھن ۾ دنيا جا عالم شريڪ ٿيندا،هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ۽ باقي صوبن ۾ موجود حڪومتون نااهل ۽ فارم 47جي پيداوار آهن،جنهن کي نٿا تسليم ڪريون،فارم 45 وارا اسيمبلين کان ٻاهر آهن اسان اهڙي حڪومت کي جعلي سمجهون ٿا ۽ عوام جي حقن تي ڌاڙو سمجهون ٿا،هن وڌيڪ چيو ته نااهل ۽ نالائق حڪمرانن ملڪ کي ايستائين پهچايو آهي جو آمريڪا ۽ ايران جو معاهدو ته ڪرائي سگهن ٿا ليڪن پنهنجي عوام کي پئٽرول ۾ رليف نٿا ڏئي سگهن،پنو عاقل ۾ اسان جي ڪارڪنن کي مختلف طريقن سان هيسائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن آئي جي سنڌ، گهرو وزير کي چتاءُ ٿو ڏيان ته منهنجي ڪارڪنن کي هيسائڻ ڇڏي ڏيو،