اي آءِ جي ڪري ملازمن کي نوڪري مان ڪڍڻ غير قانوني قرار، عدالت تاريخي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ) ۾ اڳڀرائي سبب سڄي دنيا ۾ ڪمپنين طرفان ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍيو پيو وڃي. پر چين ۾ ڪمپنين لاءِ ملازمن جي جاءِ تي اي آءِ کي رکڻ غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هواگز جي عدالت هڪ ڪيس جو فيصلو ڏيندي چيو ته اي آءِ سبب ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
واضح رهي ته هوانگزو چين جو اهو شهر آهي جنهن کي چيني اي آءِ جو هب قرار ڏنو ويندو آهي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڪمپنين کي جوڳن قانوني بنيادن تي ملازمن کي ڪڍڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي، اي آءِ سبب نه جڏهن ته ملازمن جون پگهارون گهٽائڻ جي اجازت به نٿي ڏئي سگهجي.
پريهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهو ڪيس هڪ ٽيڪنالوجي جي ڪمپني سان واسطو رکندڙ ملازم ڪيو هو جنهن کي نوڪريءَ مان نيڪالي ڏني وئي هئي جڏهن ته مناسب معاوضو به نه ڏنو ويو.
ڪيس ۾ انهن پورهتين جو به حوالو ڏنو ويو جن کي اي آءِ سبب نوڪرين مان نيڪالي ڏني وئي هئي.
ڪيس وڙهندڙ هڪ وڪيل ٻڌايو ته اهو موجودا اي آءِ جي دور جو هڪ وڏو ڪيس آهي ۽ ڪمپنين کي سماجي ذميوارين جو وزن ڪلهن تي کڻڻو پوندو.
هن چيو ته ٽيڪنالوجي ۾ ٿيندر اڳڀرائي ۽ ترقي کي روڪي ته نٿو سگهجي پر اهو قانوني دائري کان ٻاهر به ناهي.
عدالت ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني ملازمن کي به ٽيڪنالوجي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کي مڃڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو موجودا دور جي گهرجن پٽاندر تربيت حاصل ڪري سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.