اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ملڪ جي بهادر پٽن پنهنجين جانين جي قرباني ڏئي ڀارت جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي ناڪام بڻايو آهي. چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سيڪيورٽي فورسز ڀارت جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگرد نيٽ ورڪ جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي ۽ دشمن پريشان آهي. برطانوي هاءِ ڪميشن بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته برطانيا متاثر خاندانن سان همدردي رکي ٿو ۽ امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪستان سان ڀائيواري جاري رکندو.