ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ امن تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي ۽ رياست ڪنهن به حالت ۾ دشمن عنصرن کي معاف نه ڪندي. دهشتگردن خلاف بروقت جوابي ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي. وڏي وزير ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي واري هنڌ جو دورو ڪيو، سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس اهلڪارن سان ملاقات ڪئي. هن پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي فوري ڪارروائي لاءِ سپاهين جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ چيو ته گذريل 12 مهينن ۾ بلوچستان ۾ 700 کان وڌيڪ دهشتگردن جو خاتمو آندو ويو آهي. رياست آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندي.