اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪوئيٽا، نوشڪي، دالبندين، پسني ۽ گوادر ۾ دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻائڻ ۽ 92 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي. صدر شهيد اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته بلوچستان جي امن ۽ ان جي شهرين جي سلامتي تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ سپاهي وطن جي دفاع ۾ مصروف آهن ۽ هي جنگ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهندي.