ڪرپشن جا روز نوان اسڪينڊل،آفيسرن جا وڌندڙ اثاثا،نيب جا پَر ڪٽيل؟

اسلام آباد(زاهد گشڪوري)2022ع ۾ شهباز شريف جي وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ بيوروڪريسي وٽ رڳو هڪ ئي بهانو هوندو هو ته “اسان ڪنهن به فائيل کي هٿ نٿا لڳايون، ڇو⁠ ته  نيٺ نيَب سوال جواب شروع ڪري ڇڏيندي آهي.” انهن ڏينهن ۾ هر بابو اهو ئي روئندو نظر ايندو هو، ۽ وزير به چوندا هئا ته ڇا ڪجي، نيَب جي تلوار مٿي لٽڪيل آهي، تنهن ڪري سڀ ڪم رڪجي ويا آهن. نيَب ڪنهن به آفيسر جي ڪا به فائيل ڪڍي ان تي انڪوائري شروع ڪري ڏئي ٿو، تنهن ڪري آفيسرن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ ملڪ جي ترقي رڪجي وئي آهي. ساڳئي وقت ڪراچي ۽ لاهور جا واپاري به اهو گوڙ ڪري  رهيا هئا ته معاشي ترقي رڪجي وئي آهي، ڇو⁠ته نيَب انهن خلاف ڪارروائي ڪري ٿي،پوءِ هڪ ڏينهن وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ هڪ تقريب دوران واپارين کي خوشخبري ٻڌائي ته “اڄ کان پوءِ نيَب جا پر ڪٽيا ويا آهن، هاڻي اها اوهان کان ڪا به پڇا ڳاڇا نٿي ڪري سگهي.” پر بيوروڪريٽس اڃا به مطمئن نه ٿيا ۽ چيائون ته نه، اسان کي مڪمل فري هينڊ گهرجي.شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري ٻئي عمران خان جي دور ۾ نيَب جا قيدي رهي چڪا هئا، تنهن ڪري 2022ع ۾ حڪومت ۾ ايندي ئي هنن سڀ کان پهريون ڪم اهو ڪيو ته نيَب جا ڏند ڪڍي ڇڏيا. اهڙيءَ طرح نيَب کي مڪمل طور تي ناڪاره بڻايو ويو، ۽ سڀني پنهنجا پنهنجا ڪيس سيٽل ڪرائي ورتا. هاڻي بابوز(ڪامورا) کليءَ طرح کيڏڻ لڳا، ڇو⁠ته نيَب هاڻي انهن کي هٿ نٿي لڳائي سگهي.هتي هڪ ٻي واردات اها ڪئي وئي ته نيَب صرف 50 ڪروڙ رپين کان مٿي وارن ڪيسن ۾ ئي هٿ وجهي سگهي ٿي. هاڻي روزانو ڪو نه ڪو اسڪينڊل سامهون اچي رهيو آهي، پر نيَب چوي ٿو ته اسين بي وس آهيون، ڇو⁠ته مبينا ڪرپشن جي رقم پنجاهه ڪروڙ کان گهٽ آهي.هڪ وقت هو جڏهن هر پاڪستاني لک يا سوا لک رپين جو مقروض هو، پر هاڻي هڪ تازي خبر موجب اهو قرض ٽن لک رپين کان به وڌي چڪو آهي. ملڪ جو قرض لڳاتار وڌندو پيو وڃي. ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب چوندو آهي ته “جيڪڏهن قرض صحيح نموني استعمال ٿئي ته سڀ ٺيڪ آهي.” هن بيان ۾ سڄو زور لفظ “جيڪڏهن” تي آهي. “جيڪڏهن” قرض صحيح استعمال ٿئي، ته پوءِ پرتگال ۽ دبئي ۾ جائيدادون ڪيئن ٺهن ٿيون؟تازو هڪ خبر بريڪ ٿي آهي ته گريڊ 21 جو هڪ آفيسر، جيڪو چار ڀيرا قبائلي علائقي جو پوليٽيڪل ايجنٽ رهيو آهي، پنهنجي زال جي نالي تي برطانيا ۾ ست جائيدادون خريد ڪيون آهن. برطانوي بارڪليز بئنڪ ۾ ٻارهن ڪروڙ رپيا رکيل آهن، جڏهن⁠ ته پاڪستاني بئنڪ ۾ ٽي ڪروڙ موجود آهن. اهو آفيسر اڌ اسلام آباد ۽ اڌ دبئي خريد ڪري چڪو آهي، پر نيَب کي جرئت ناهي ته هن کي گرفتار ڪري، ڇو⁠ ته  هو سامهون پي ڊي ايم حڪومت جو 2022ع ۾ تبديل ڪيل نيَب قانون رکي ٿو، جنهن مطابق سندس ملڪيت جي ماليت گوشوارن ۾ 49 ڪروڙ ڏيکاريل آهي، ۽ نيَب صرف پنجاهه ڪروڙ کان مٿي ڪرپشن تي ئي جاچ ڪري سگهي ٿو.حڪومت جي ٻن وڏن ماڻهن پاڻ کي ۽ پنهنجن لاڏلن آفيسرن کي نيَب کان بچائيندي بچائيندي سڄو نظام ٻوڙي ڇڏيو آهي. ڪرپٽ آفيسر پنهنجي گوشوارن ۾ ڪوڙ ڳالهائي ڪل اثاثا پنجاهه ڪروڙ کان گهٽ ڏيکاري، آسانيءَ سان بچي وڃن ٿا، ڀلي کين پرتگال، دبئي يا لنڊن ۾ جائيدادون ۽ بئنڪن ۾ ڪروڙين رپيا ڇو نه هجن. سڄو قرض دبئي، لنڊن ۽ پرتگال وڃي رهيو آهي. ڪامورن ۽ حڪمرانن جون جائيدادون ٺهي رهيون آهن. هاڻي ته اهڙا نوان بابوز به اچي رهيا آهن، جن جو پهريون مقصد ئي پنهنجي غربت ختم ڪرڻ آهي. هاڻي ته آفيسر پروبيشن ختم ٿيڻ جو به انتظار نٿا ڪن…

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.