مٺي (رپورٽ:غازي بجير) مٺي اسپتال انتظاميا جي لاپرواهي، ڳورھاري عورت تازي ڄاول ٻارڙي سميت تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، مٺي سول اسپتال جي انتظاميا انساني زندگين سان کيڏڻ لڳي، ان سلسلي ۾ گذريل ڏينھن اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ٻتنگاري واسڻ 25 ورھين جي نوجوان ناري درشنا زال آنند مکڻائي کي ڊليوري لاءِ اسپتال آنڌو ويو، جتي نارمل ڊليوري بعد ڄاول تازو ٻارڙو فوت ٿي ويو، مٺي سول اسپتال ۾ نارمل ڊليوري بعد وھندڙ رت دوران حيدرآباد ريفر ڪيل ڳوٺ ٻنتگاري واسڻ 24 ورھين جي ناري درشنا زال آنند مکڻاڻي پنهنجي تازي ڄاول معصوم پٽ سميت تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، نوجوان ناري سندس تازي ڄاول ٻار جا لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو، فوت ٿي ويل ناري جي وارثن سول اسپتال عملي تي غفلت جو الزام ھڻندي چيو ته ڊاڪٽرياڻين جي لاپرواهي اسان جي معصوم ٻار ۽ سندس ماءُ جي زندگي کسي آھي، رات جو دير سان ڊاڪٽرن علاج ڪرڻ بدران پاڻ کي بچائڻ لاءِ ريفر ڪيو ته جيئن فوتگي اسپتال جي رڪارڊ ۾ نه اچي، غفلت ڪندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، سول اسپتال جي ذريعن موجب ڊاڪٽرياڻيون ويم ڪرائڻ کان لنوائن ٿيون، ان ڪري ڊليوري لاءِ ايندڙ عورتن جو ويم ڪرائڻ بدران کين ويم جو سور ختم ڪرڻ جي پين ڪلر انجيڪشن لڳائين ٿيون ته جئين سندن شفٽ ختم ٿئي ۽ اڳين شفٽ ۾ ڊليوري ٿئي، جڏھن ته ڊيوٽي تي موجود گائناڪالاجسٽ علاج لاءِ ايندڙ مريض عورتن ڏي ڌيان ڏيڻ بدران موبائل فونن ۾ مصروف رھن ٿيون، ڊاڪٽرياڻين جي اھڙي لاپرواهي سبب سول اسپتال ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جون فوتگيون معمول بڻجي ويون آهن، سول اسپتال جي ايم ايس پاران نوجوان ناري درشنا ۽ سندس ٻار جي مبينا غفلت سبب موت جي جاچ لاءِ ٽن ڊاڪٽرن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جاچ ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر موهن کتري، ڊاڪٽر عبدالمالڪ نهڙيو ۽ گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽر موهني ڪماري شامل آهن، ڪميٽي کي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، عوامي آواز پاران رابطو ڪرڻ تي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ھريش جڳاڻي چيو آھي ته ڊليوري لاءِ آيل عورت جي نارمل ڊليوري ٿي ۽ ٻارڙو ڄائو، اسان ڊليوري لاءِ ايندڙ عورتن کي 24 ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ رکندا آھيون ڇو ته ڊليوري بعد عورت کي 24 ڪلاڪن اندر ڪنھن به وقت خون جاري ٿي سگھي ٿو، فوتي ناري کي تمام گھڻو خون جاري ٿيڻ شروع ٿيو اسان جي ڊاڪٽرياڻي وينا پنھنجي پوري ڪوشش ڪيائين ۽ عورت کي رت جون بوتلون به لڳايون ويون، رت بند نه ٿيڻ بعد اسان کيس حيدرآباد ريفر ڪيو،عورت حيدرآباد اسپتال تائين پھچي چڪي ھئي اتي ڪلاڪ داخل به رھي پوءِ اتي فوت ٿي آھي.