عمران خان جي بيماري جي سڃاڻپ جو انتظام ناهي ڪيو ويو: سهيل آفريدي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته مان گذريل ٻن ڏينهن کان اسان سان جيڪو ڪيو پيو وڃي ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪريان ٿو.سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته هڪ صوبي جي وڏي وزير کي ٻن راتين تائين روڊ تي ويهاريو ويو آهي، اڊيالا ۾ صبح 3 وڳي تائين ۽ صبح 10 وڳي کان سپريم ڪورٽ ٻاهران.هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ مقبول اڳواڻ آهي، سندس صحت کي نظرانداز ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي باني کي هڪ اهڙي اسپتال ۾ آندو ويو جتي سندس بيماري جي تشخيص لاءِ ڪو به ماهر ناهي، اسان صرف چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ جي باني جي ذاتي ڊاڪٽرن کي هن سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي.سهيل آفريدي چيو ته اسان آئين جي اندر جدوجهد ڪريون ٿا ۽ ڳالهيون ڪريون ٿا،  جيڪڏهن سڀئي دروازا بند ڪيا وڃن ۽ اسان کي ڀت سان لڳايو وڃي ته اسان کي پرامن احتجاج ڪرڻ جو حق آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.