ڪراچي (رپورٽر) سندھ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ فيملِي ٽري ۾ اڻ لاڳاپيل شخص شامل ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران نادرا جي عملدارن تي سخت ڪاوڙ ڪئي، درخواست تي ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل چيو ته افغان شهرين کي درخواستگذار جي فيملي ٽري ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن سبب درخواست گذار جي پوري خاندان جا قومي شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن، جسٽس عدنان الڪريم ميمن نادرا جي عملدارن تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي پڇاڻو ڪيو ته افغان شهرين کي پاڪستاني خاندان ۾ ڪيئن شامل ڪيو ويو؟ انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ڇو بلاڪ ڪيا ويا، هڪ شخص جي ڪري سموري خاندان کي ڇو ڦاسايو ويو، عدالت حڪم ڏنو ته جيڪڏهن ڪنهن اڻ لاڳاپيل شخص جو نالو فيملي ٽري ۾ شامل آهي ته ان کي خارج ڪيو وڃي، جسٽس ذوالفقار علي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته شايد پئسا وٺي هر خاندان ۾ ڪيترائي ماڻهو شامل ڪيا ويا هجن.