ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اوٻاوڙو ۾ شگر مل کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڻي ٿي، عدالت شگر مل کي قانون موجب واپاري سرگرميون جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته درخواست گذار خلاف هرو ڀرو مداخلت ناقابل قبول هوندي، درخواست گذار جي وڪيل بئرسٽر عمرسومرو چيو ته پوليس گهوٽڪي جي اوٻاوڙو جي علائقي ۾ شگر مل کي ڪنهن به نوٽيس يا قانوني حڪم کانسواءِ سيل ڪري ڇڏيو، شگر مل کي سيل ڪرڻ سان ڪرشنگ سرگرميون متاثر ٿيون آهن، ڪين ڪمشنر جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي مقامي پوليس طرفان پهرين ڊسمبر 2025 تي شگر مل کي سيل ڪيو ويو ۽ 8 ڊسمبر تي ڊي سيل ڪيو ويو، شگر فيڪٽري ڪنٽرول ايڪٽ تحت سيل يا ڊي سيل ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي. فيڪٽريون، آءِ جي رپورٽ ۾ چيوويو آهي ته ڊي آءِ جي سکر جي جاچ ۾ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ثابت نه ٿي.