دادو(ڊ ر) دادو ۾ اڳوڻي وڏي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ لياقت علي خان جتوئي دادو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته هن کي بار بار ان ڪري هارايو وڃي ٿو جو هو سنڌ جي عوام جي حقن جي ۽ سچ جي ڳالهه ڪندو آهي لياقت علي خان جتوئي چيو ته سنڌ ۾ نه گيس آهي، نه بجلي آهي، نه ئي اسپتالن ۾ علاج موجود آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي وارا ڪشمش جا واپاري بڻجي سنڌ کي ڦري رهيا آهن هن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ٿيڻ شرم جهڙي ڳالهه آهي، پيپلزپارٽي وارا سنڌ کي پنهنجي ماءُ سمجهن ٿا ۽ پنهنجي ماءُ جي ورهاڱي تي به خاموش آهن، اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو سنڌ جا ٽڪرا ڪري، اسان جا ٽڪرا ڪري پوءِ ڪو سنڌ رهائيندو، مون کي ايم اين اي يا ايم پي اي ٿيڻ جو شوق ناهي مان پنهنجي ووٽرن ۽ عوام جي عزت بحال ڪرائڻ لاءِ سياست ڪري رهيو آهيان اڳوڻي وڏي وزير چيو ته ڪوڙن ڪيسن ۾ عوام کي ڦاسايو پيو وڃي، صوبيدارن ۽ پوليس ذريعي سياست ڪئي پئي وڃي ، فارم 47 وارا سمجهن ٿا ته هو سڄي عمر حڪومت ڪندا پر ٻڌي ڇڏين، انهن ڪلهن تي حڪومت ڪرڻ وارا ڪلها ئي نه هوندا، اسان ڳيرن وانگر جهٽينداسين هنن کي هن چيو ته هتي جي مڻن مڻن جا پٽڪا پائين ٿا، انهن ڪهڙا قلعا فتح ڪيا آهن؟ اهي انهن جي ڪرپشن جا پٽڪا آهن، مان وڏيرو ناهيان، وڏيرو هجان ها ته شگر ملون وٺان ها، مان نظرياتي ماڻهو آهيان، زرداري جي ٽيم کي ڀڄڻ نه ڏيندس، انهن کي جيل موڪليندس ، 12 ڪروڙ رپين جي بجيٽ آهي دادو جي، ٻڌايو وڃي ته اها ڪاڏي پئي وڃي؟ هڪ به سر لڳل نظر نٿي اچي، جيڪو سچ ڳالهائي ٿو، ان کي جيل موڪليو وڃي ٿو ڪيس ڪيا وڃن ٿا، هي پوليس جي معرفت حڪومتون ڪري رهيا آهن، جڏهن الله جو نظام قائم ٿيندو ته ان کي ڪير به روڪي نه سگهندو ۽ اهو نظام جلد قائم ٿيڻ وارو آهي. لياقت علي خان جتوئي جلسي ۾ شريڪ ماڻهن سان واعدو ڪيو ته سندن حڪومت ۾ نوڪريون صرف ميرٽ تي ملنديون، هو وڏو وزير رهيو آهي، جيڪڏهن ڪو ثابت ڪري ته سندس دور ۾ ڪميشن تي نوڪري ملي، ته هو سياست ڇڏيندو، مان انهن وانگر ناچو ناهيان، جيڪي پنهنجي گهرن جون پولنگون هارائيندا آهن. منهنجي مقابلي ۾ بيهاريا وڃن ٿا جيڪي اهي هٿ ٺوڪين ٺپن سان کٽندا آهن، اهي نمائندا ناهن پر ظالم آهن هن چيو ته اسان کي هن ظالماڻي نظام مان آزادي کپي، جلسي ۾ جي ڊي اي اڳواڻن نياز حسين ٻرڙو، عاشق علي زنئور ، سعيد احمد سومرو سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.