بلاول، وڏي وزير، اطلاعات واري وزير ۽ ميئر کان استعيفيٰ وٺي: فاروق ستار

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته وڏو وزير، اطلاعات وارو وزير ۽ ڪراچي جو ميئر استعيفيٰ ڏين، بلاولڀٽو کي چئي رهيا آهيون ته اوهان کانئن استعيفيٰ وٺو. ڪراچي ۾ حيدر عباس رضوي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران فاروق ستار چيو ته جڏهن اسان جي سڪيورٽي اوهان جي ضمانت ناهي ته ڇا اسلام آباد کان سڪيورٽي وٺون؟ نظرون گل پلازا تان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، هن ڀيري نه ڇڏينداسين. فاروق ستار چيو ته گل پلازا سانحي تي جڊيشل جاچ ڪرايو، کڻي اسان جي سڪيورٽي واپس ورتي وڃي يا ڪوڙا ڪيس ٺاهيا وڃن. هن چيو ته گل پلازا متاثرن کي انصاف ڏياري رهنداسين، اوهان ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪري ڇڏيو، اوهان ڪراچي تان پاڻ هٿ کڻي رهيا آهيو، پنهنجي عملن سان اهو ٻڌائي رهيا آهيو. ته اسان اوهان جي ذميواري نٿا کڻون. اسان بلاول سان مختلف معاملن ۽ سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ ملڻ چاهيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.