لاهور هوٽل باهه واقعو، جاچ رپورٽ تيار، انتظامي لاپرواهي ظاهر

لاهور (بيورو) لاهور جي علائقي گلبرگ ۾ قائم نجي هوٽل ۾ لڳندڙ باهه بابت ايل ڊي اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن شروعاتي جاچ رپورٽ تيار ڪري ورتي، جنهن ۾ هوٽل انتظاميه تي قانونن جي مبينا ڀڃڪڙي جو انڪشاف ڪيو ويو آهي، شروعاتي جاچ رپورٽ موجب هوٽل جي بي ون فلور تي بوائلررکيل هو، جيڪو ايل پي جي سلنڊر ذريعي هلائي  پئي ويو، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بوائلر مان مبينا طور گئس ليڪ ٿي، جيڪا هوٽل ۾ باهه لڳڻ جو بنيادي سبب بڻي، هوٽل ۾ ايئر ڪنڊيشننگ ۽ هيٽنگ لاءِ ايڇ وي اي سي سسٽم استعمال ڪيو پئي ويو، جيڪو بي ون فلور تي لڳل هو، جاچ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايڇ وي اي سي سسٽم کي سوئي گيس ذريعي هلائڻ جي اجازت هئي، پر انتظاميه مبينا طور ايل پي جي سلنڊر استعمال ڪيا، جنهن سبب سسٽم جا سينسر خراب ٿيا ۽ گيس ليڪ ٿي.جاچ دوران اهو به سامهون آيو ته هوٽل جو فائر الارم سسٽم خودڪار نموني ڪم نه پئي ڪيو، جڏهن ته مينول فائر الارم هلائڻ سبب هوٽل ۾ رهندڙ ماڻهن کي اطلاع ڏيڻ ۾ دير ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.