ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ رولو ڪتن جي وڌندڙ واقعن بابت سنڌ اسيمبلي ميمبر محمد عامر صديقي سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪِ التوا جمع ڪرائي، تحريڪِ التوا ۾ ڪراچي ۾ رولو ڪتن جي چڪ هڻڻ وارن ڪيسن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، ايم پي اي موجب هيصورتحال شهرين لاءِ سنگين خطري جو سبب بڻجي رهي آهي، تفصيلن موجب هلندڙ سال جي شروعات کان هينئر تائين 3040 کان وڌيڪ ماڻهو رولو ڪتن جو شڪار ٿي چڪا آهن، جڏهن ته صرف جناح اسپتال ۾ ئي 700 کان وڌيڪ متاثر مريض رپورٽ ٿيا آهن، ايم پي اي محمد عامر صديقي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ حڪومت کان فوري ۽ اثرائتا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.