بجلي ۽ گيس سبسڊي ۾ وڏي تبديلي، بي آءِ ايس پي سان جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ بجلي ۽ گيس جي سبسڊي کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان جوڙيو پيو وڃي.
عالمي بينڪ ڏکڻ ايشيا ۾ ترقي جي موضوع تي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ عالمي بينڪ پاڪستان ۾ ٽيڪس نظام ۾ بهتري ۽ ٽيڪس بيس وڌائڻ تي زور ڏنو، جڏهن ته روينيو وڌائڻ لاءِ گدلاڻ گهٽائڻ جي به تجويز ڏني.
عالمي بينڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ زمين هيٺ پاڻي تيزي سان گهٽجي رهيو آهي، پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڻي کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل آهي، ناقص آبپاشي نظام ۽ غير اثرائتي زرعي طريقن سان پاڻي زيان ٿي رهيو آهي.
عالمي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ بجلي ۽ گيس جي سبسڊي کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان جوڙيو پيو وڃي، سبسڊي سڌارن سان غلط ورڇ، مالي نقصان، سرڪلر ڊيٽ ۾ گهٽتائي ايندي، ٻارڻ تي ڏني ويندڙ سبسڊي کي سماجي تحفظ جي پروگرامن تي خرچ ڪري سگهجي ٿو.
عالمي بينڪ موجب ٻوڏ متاثر ننڍن ڪاروبارن لاءِ ڪلائميٽ رسڪ فيسلٽي قائم ڪئي پئي وڃي، بي آءِ ايس پي کي ڊجيٽل نظام ذريعي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.