ڪنڊيارو (ن ع آ) ڪنڊيارو قومي شاهراهه تي چاچڪ اسٽاپ ڀرسان موٽر سائيڪل ۽ ٽرالر وچ ۾ ٿيل خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا، حادثي بعد علائقي ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهچي ويا، تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل کي زور دار ٽڪر هنيو، جنهن سبب ٻه نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي، حسوا ريسڪيو رضاڪارن فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمي عورت کي فوري طور ايمبولينس ذريعي سول اسپتال ڪنڊيارو پهچايو، جتي زخمي عورت به زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، اهڙي طرح حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ ٽي ٿي ويو.حادثي جو اطلاع ملندي ئي سول اسپتال ڪنڊيارو ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، ريسڪيو ٽيم موجب فوت ٿيلن جي سڃاڻپ علي رضا، وقار راجپر ۽ گلن زادي راجپر طور ٿي آهي. جن جو تعلق محرابپور سان ٻڌايو وڃي ٿو.پوليس ٽرالر کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻيندي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، ٻڌايو پيووڃي ته حادثو ٽرالر جي تيز رفتاري ۽ اوچتو موٽرسائيڪل آڏو اچڻ ڪري اهو حادثو پيش آيو.