عمرڪوٽ (رپورٽ: غلام مصطفيٰ مھر) عمرڪوٽ ۾ امن جو پکي اڏامي ويو، شهر جي مک ڪاروباري علائقي موتي چوڪ ڀرسان نوجوان 25 سالن جي اسماعيل ولد جمال الدين سميجو کي نامعلوم جوابدارن تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي بي رحمي سان قتل ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف شھر ۾ شٽربند ھڙتال، سميجا برادري ۽ شھرين واپارين جو احتجاجي مظاھرو، 7 ڪلاڪ لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو، گذريل رات دير سان نوجوان اسماعيل سميجو، جيڪو ڳوٺ اڪلو سميجا، چڪولي جو رهواسي ۽ لانگ جيپ جو ڊرائيور هو، انجڻ جو ڪم ڪرائڻ لاءِ شهر آيل هو، موتي چوڪ ڀرسان کيس تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي سخت زخمي ڪيو ويو، واقعي کان پوءِ پوليس ۽ شهرين کيس زخمي حالت ۾ سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، واقعي جي خبر شهر ۾ باهه جيان پکڙجڻ بعد واپارين ۽ سميجا برادري پاران شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته مقتول جي وارثن الله والا چوڪ / عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو لاش رکي 7 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو، احتجاج دوران ٽائر ساڙي سخت نعريبازي ڪئي وئي، جنهن سبب شهر جي مک روڊن تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ مڪمل طور شهر بند ٿي ويو، ڌرڻي جي اڳواڻي مقتول جي والد جمال الدين سميجو، ذوالفقار سميجو، اسلام الدين سميجو، ڪامريڊ حيات سميجو، ياسين سميجو، حفيظ سميجو ۽ ٻين ڪئي، مظاهرين پوليس جي نااهلي ۽ ضلعي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ون فائيو چوڪي جهڙي حساس هنڌ وٽ اهڙو وحشياڻو قتل پوليس جي ڪارڪردگي تي وڏو سوال نشان آهي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته عمرڪوٽ ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، جڏهن ته پوليس صرف حڪمرانن کي پروٽوڪول ڏيڻ تائين محدود آهي، ڌرڻي دوران ايس ايچ او سٽي عمرڪوٽ احمد بخش راهمون ڌرڻي واري هنڌ پهتو ۽ وارثن سان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي، پر ڪابه ڳالهه ٻولهه ڪامياب نه ٿي سگهي ۽ وارثن قاتلن جي گرفتاري تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو، مسلسل 7 ڪلاڪ جاري رهندڙ ڌرڻي بعد ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ پاڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ايس ايس پي خاطري ڪرائي ته واقعي جي شفاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي، سي سي ٽي وي ڪيمرائن، موبائل فارنزڪ ۽ سي ڊي آر سميت جديد ٽيڪنالاجي ذريعي جاچ ڪئي پئي وڃي، ۽ پنجن ڏينهن اندر جوابدار گرفتار ڪيا ويندا، ايس ايس پي جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.
-
ڪنهن سان دشمني ناهي، بينگاهه پٽ کي قتل ڪيو ويو: والد
عمرڪوٽ: ڌرڻي ۾ مقتول جي والد جمال الدين سميجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس پٽ بيگناهه هو، اسان جي ڪنهن سان به دشمني يا شڪ ناهي، پر اسماعيل کي بيدردي سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو، هن مطالبو ڪيو ته پوليس ايمانداري سان جاچ ڪري قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي انصاف فراهم ڪري، واقعي جي مذمت ڪندي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، جن ۾ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي، فنڪشنل ليگ جي صوبائي نائب صدر فقير خضر حيات منڱريو، جمعيت علماءِ اسلام جي مولانا نور محمد قرآني، محمد يعقوب ڪنڀر سميت ٻين چيو ته هي واقعو نه رڳو هڪ نوجوان جي حياتي کسي ويو آهي، پر سڄي شهر ۾ خوف ۽ عدم تحفظ پيدا ڪري ڇڏيو آهي، هنن ايس ايس پي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته وحشياڻي قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، بعد ۾ مقتول نوجوان اسماعيل سميجو جي تدفين سندس اباڻي ڳوٺ اڪلو ۾ ڪئي وئي، جتي سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
-
ون فائيو پوليس پوسٽ سامهون نوجوان جو قتل حڪومتي نااهلي آهي:زين شاهه
ڪراچي (پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ عمرڪوٽ ۾ نوجوان اسماعيل سميجو جي بيدردي سان قتل بابت بيان ڏيندي چيو آهي ته عمرڪوٽ ۾ نوجوان اسماعيل سميجو جي بي رحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، سيد زين شاهه چيو ته ون فائيو پوليس پوسٽ جي سامهون قتل ٿيڻ پوليس ۽ حڪومت جي ناڪامي جو واضح ثبوت آهي، قتل جي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ به ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ مجرماڻي لاپرواهي ۽ ملوث هجڻ جو ثبوت آهي، اسماعيل سميجو جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، هن واقعي جي آزاد، شفاف ۽ غير جانبداراڻي جاچ ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت جي خاموشي مظلومن جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ جي برابر آهي، عمرڪوٽ واقعو ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته سنڌ ۾ امن امان نالي ڪا به شئي باقي ناهي رهي، هن چيو ته متاثر خاندان کي فوري طور تي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، اسان اسماعيل سميجو جي پونئيرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ انهن سان گڏ بيٺا آهيون.
-
سنڌ ۾ ڪير به محفوظ ناهي، اسماعيل جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن: اياز لطيف
حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي عمرڪوٽ ۾ نوجوان کي ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي، اياز لطيف پليجي چيو آھي ته عمرڪوٽ ۾ نوجوان کي جنھن انداز سان قتل ڪيو ويو آھي، اھو انتھائي وحشي عمل آھي. ڳلو ڪپي مرڻينگ ڪيل نوجوان جي مرڪ ھن سموري کوکلي نظام تي کِلي رھي آھي. ھن نظام ۾ ڪير به محفوظ ناھي، ڪنھن جي به جان ۽ عزت جي تحفظ ناھي. سڄي سنڌ بدامني جي باھ ۾ سڙي رھي آھي. اڌ سنڌ ڌاڙيلن وٽ يرغمال آھي. باقي سنڌ ڏوھارين جي گھيري ۾ آھي، منشيات کي سنڌ جو اڏو بڻايو ويو آھي. باقي صوبا ائين منشيات فروشن وٽ يرغمال ناھن، جيئن سنڌ ۾ بي خوف ٿي منشيات جو ڪاروبار ڪيو وڃي ٿو، ھٿ وٺي سنڌ کي ٽارگيٽ ڪيو ويو آھي. ڪجھه ڏينھن عمرڪوٽ جي نوجوان جو وحشياڻو قتل سوشل ميڊيا جو موضوع رھندو ان کانپوءِ وري ڪو ٻيو نئون سانحو زينت بڻجي ويندو، سنڌ المناڪ سانحن جو ديس بڻايو ويو آھي. وفاق ۽ سنڌ حڪومت تباھي جا ذميوار آھن. حڪمرانن جي ايجنڊا تي صرف ڪرپشن آھي. انھن کي ڦرلٽ کانسواءِ ڪجھ به ياد ناھي.
-
ڌرڻا هڻي ئي انصاف گهريو ويندو ته سنڌ روز ٻچا ڪُٺندي ڏسندي:سڄاڻ ڌريون
ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) عمرڪوٽ ۾ وچ شهر اندر نوجوان اسماعيل سميجو جي قتل تي هر ماڻهو ڏکارو آهي، سوشل ميڊيا واقعي بابت پوسٽن سان ڀرجي وئي، سڄاڻ ڌرين پاران واقعي جي سخت مذمت ۽ ڏک جواظهار ڪندي چيو ويو آهي ته ڇا روز ڌرڻا ۽ احتجاج ڪري انصاف جي گهر ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ سورٺ سنڌو پوسٽ ۾ چيو ته اسماعيل سميجو جو قتل صرف قتل ناهي هي هڪ پيغام آهي سنڌ کي ته توهان جو حشر ڪهڙو ٿيندو، جڏهن قاتل آساني سان قتل ڪري فرار ٿي وڃن ۽ جتي ڌرڻا هڻي انصاف جي گهر ڪجي اتي سنڌ پنهنجا ٻچا ائين ڪُٺندي ڏسندي رهندي، ھر ڏينھن سنڌ ۾ ٿيندڙ ناانصافي، ظلم ۽ غير انساني قسم جا واقعا پڙاڏو ڏئي شاھدي ڏين ٿا ته اسان يتيم قوم آھيون ھن رياست ۾، سنڌ جا وسيلا سڀني کي نظر ايندا آھن سنڌ جا مسئلا ڪنهن کي نظر نٿا اچن سنڌ جا حالات ڄاڻي واڻي خراب ڪيا پيا وڃن جيئن ماڻهن ۾ خوف هجي جنهن کي پنهنجا حق ياد نه ھجن ڪو انھن خلاف نه ڳالهائي، سماجي اڳواڻ شهناز شيخ چيو ته اسماعيل سميجو عمرڪوٽ جي گھٽيءَ ۾ وھندڙ رت کي ھٿ سان روڪيندي ، ڪنھن ماڻھوءَ کي چوي ٿو ته، منھنجي وڊيو رڪارڊ ڪر، خبر ناھي ته وڊيو رڪارڊ ڪندڙ کي ٻيو الائي ڇا چيائين..؟؟ سندس چھري جو اطمينان ٻڌائي ٿو ته ڳلو ڪپيندڙ اسماعيل جو ڪو اڻ واقف ڪونھي، سندس چپن تي مرڪ ٻڌائي ٿي ته ڪيڏو نه دلير ھيو، نوجوان جي بيدردي سان قتل انسانيت کي لڄائي ڇڏيو آهي، اسماعيل توحيدي لکيو ته عمرڪوٽ واقعي تي سڄي سنڌ ڏک ۽ 7 ڪروڙ سنڌ واسي سوڳوار آھن، ويجھي ماضيءَ ۾ اھڙو خوفناڪ قتل شايد پھريون ڀيرو ڏسڻ ۾ آيو، ويڊيو ڏسڻ شرط دماغ چڪرائجي ويو، پونجو مل لکيو ته نوجوان اسماعيل سميجو جو بي دردي سان ٿيل قتل هڪ خوف جي عالم کان گهٽ ڪونهي، سندس هن وحشائڻي قتل تي ڀرپور مذمت ڪجي ٿي، منهنجي ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پوليس مڪمل طرح سان شهر ۾ لڳل سي سي ٽي وي جي ذريعي ۽ مقتول جي موبائل ڊيٽا مان پڻ جاچ کي وسيع ڪري رهي آهي، منڌر سميجو لکيو ته انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آهي، ڳوٺ اڪلو سميجا سان تعلق رکندڙ نوجوان اسماعيل سميجو کي موتي چوڪ عمرڪوٽ جي هڪ گهٽي مان ڪنڌ ڪپيل ڏٺو ويو آهسته آهسته سرڪي ٻاهر روڊ تي آهيو ڪيبين جي اڳيان اچي ڪريو پو ماڻهن فوراً پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس نوجوان کي سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو ويو هو پر رستي ۾ فوت ٿي ويو.