ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري کاتي ۾ سولر پينل جي فراهمي واري منصوبي ۾ 3 ارب رپين کان وڌيڪ جي مبينا ڪرپشن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه نيب جي نوٽيس کانپوءِ سولر پينل فراهمي واري منصوبي جي رڪارڊ جا تفصيل نيب کي ڏيڻ جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب گهٽ آمدني وارن ماڻهن ۾ 2 لک سولر پينل فراهمي جي معاملي تي جاچ شروع ڪئي آهي، جيڪو منصوبو ورلڊ بينڪ جي 10 ڪرور ڊالر جي قرض سان جاري ٿيو هو. ذريعن موجب، ٺيڪو حاصل ڪندڙ ڪمپني ڪاغذن ۾ جعلسازي ڪري مبينا طور تي 3 ارب 2 ڪروڙرپين جي ڪرپشن ڪئي. ٺيڪيدار پراجيڪٽ جي عملي جي ملي ڀڳت سان گهربلانگ ۾ سولر يونٽ فراهم نه ڪيا پر ڪاغذن ۾ منصوبي کي پورو ڏيکاريو ويو هو.