يورپي يونين ۽ ڀارت ۾ آزاد واپاري معاهدو پاڪستان لاءِ وڏو معاشي خطرو!

نئين دهلي (م ڊ) يورپ ۽ ڀارت وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي سان پاڪستان جي ٽيڪسٽائل شين کي 5 کان 10 سيڪڙو نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. ان جو بنيادي سبب پاڪستان کي يورپ طرفان حاصل جي ايس پي پلس اسٽيٽس آهي جنهن سبب پاڪستان پنهنجون ٽيڪسٽائل شيون يورپ کي ڊيوٽي کانسواءِ فراهم ڪندو هو. ان حوالي سان ذريعن جي تجزين موجب، يورپ ۽ ڀارت وچ ۾ آزاد واپاري معاهدو پاڪستاني معيشت لاءِ چئلينج بڻجي سگهي ٿو، پاڪستاني عملدارن ۽ انڊسٽري کي به گڏجاڻي جي ضرورت آهي. هي معاهدو يورپي مندي تائين ان جي ترجيحي رسائي کي ختم ڪري پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ اهم خطرو آهي، جيئن ته ڀارت کي هاڻي امڪاني طور تي ديوٽي فري رسائي حاصل ٿي وئي آهي. ان سان پاڪستان جيڪو ٽيڪسٽائل تي گهٽ ٽيرف لاءِ جي ايس پي پلس تي ڀاڙي ٿو، ان کي يورپي يونين ۾ برآمدي مارڪيٽ شيئر ۾ 5 کان 10 سيڪڙو نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، جنهن سان پاڪستان جي ڪپڙن جهڙي اهم شعبن کي خطرو ٿي سگهي ٿو. ڀارت پنهنجي مضبوط صنعتي بنياد سان مقابلو ڪندڙ ۽ ڊيوٽي فري سپلائر بڻجي ويندو، جيڪو پاڪستان جي ٽيڪسٽائل ۽ ڪپڙن جي برآمد سان سڌي ريت مقابلو ڪندو. پاڪستان جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس جيڪو هن وقت تائين 75 سيڪڙو (ٽيڪسٽائل) برآمد تي معيشت کي سهارڪ ڏئي ٿو، ان جي مقابلي ۾ اچي گهٽ فائدو ٿيندو ۽ برآمد جا نقصان وڌي ويندا. تجزئي موجب، پاڪستان جي برآمد آمدني ۾ 5 کان 10 سيڪڙو گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. ان سان پاڪستان جي معيشت ۽ ادائيگين جي توازن تي به دٻاءُ پئجي سگهي ٿو. ان کان اڳ جنوري 2026 کان يورپي يونين اڳ ئي گريجوئيشن (وڌ ۾ وڌ مارڪيٽ شيئر) جي ڪري ڀارت جي 87 سيڪڙو کان وڌيڪ برآمد تي جي ايس پي فائدن کي معطل ڪري ڇڏيو اهي جيڪو ڀارت لا3 بنگلاديش، پاڪستان ۽ ويٽنام جهڙين قومن خلاف مقابلي کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ مستقبل جي ايف ٽي اي کي وڌيڪ اهم بڻائي ٿو.  ٻئي پاسي يورپين يونين ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ فري ٽريڊ ڊيل ۽ دفاعي معاهدي جا اهم نقطا سامهون آيا آهن. معاهدن لاءِ يورپي يونين جي اعليٰ قيادت صدر انتونيو ڪوسٽا، ارسلا واندرلين، پرڏيهي معاملو جي سربراهه ڪايا ڪالس نئين دهلي ۾ آهي. ذريعن موجب، اميد ڪئي پئي وڃي ته اڄ تائين مسئلن جو حل نڪرندو. ڀارت ڪارن تي ٽيڪس ڪندو ۽ يورپي يونين ڀارتي ڪمپنين کي واڌو ڊيڪاربونائزيشن سپورٽ پيش ڪندو. رپورٽن موجب، ڊيل ۾ زراعت هڪ مسئلو آهي جنهن ۾ گوشت، پولٽري، چانورن ۽ کنڊ کي ٽيرف ۾ ڪٽوتين کان ٻاهر رکيو ويندو. دوري دوران اهم سئي يورپين يونين ۽ ڀارت وچ ۾ سڪيورٽي ۽ ڊفينس پارٽنرشپ آهي جيڪا يورپي ۽ ڀارتي دفاعي صنعتن کي مضبوط ڪرڻ تي آهي.هڪ يورپي اهلڪار اميد ظاهر ڪئي ته ڀارت روايتي طور تي روس کان هٿيار خريد ڪندو رهيو اهي هاڻي يورپ کان هٿيارن جي خريداري ٻيڻي ڪري ڇڏيندو جنهن ۾ فرانس کان وڌيڪ ڊسالٽ رافيل ويڙهاڪ جهازن جي خريداري به  شامل آهي.

صنعتن جي تباهي، 150 ٽيڪسٽائل ملون بند ٿي ويون: ايس ايم تنوير

فيصل آباد (م ڊ) فيصل آباد ۾ صنعتن جي بدترين صورتحال آهي جتي 150 ٽيڪسٽائلملون بند ٿي ويون، ٽيڪسٽائل انڊسٽري جون حالتون خراب کان وڌيڪ خراب ٿينديون پيون وڃن. ان سڄي صورتحال ۾، صنعت ۽ واپار واري اڳوڻي وزير ايس ايم تنوير چيو ته ملڪ جي صنعت قبرستان ۾ تبديل ٿي رهي آهي، ملٽي نيشنل ڪمپنيون پاڪستان مان ڀڄي رهيون آهن، پاڪستان ۾ بيروزگاري وڌندي، صنعت هن وقت وينٽيليٽر تي آهي، ان کي بچايو. هڪ تقريب دوران واپارين کي خطاب ڪندي، صنعت ۽ واپار واري اڳوڻي وزير ايس ايم تنوير چيو ته ڪاروباري برادري کي ملڪ جي ڪاروباري حالتن ۽ معيشت کي هلائڻ گهرجي. اسان واپاري آهيون، اسان حڪومت جي خلاف نه آهيون، جيڪڏهن اهي غلط ڪم ڪندا ته اسان ڳالهائينداسين. هن چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ 150 ٽيڪسٽائل يونٽ بند ٿي چڪا آهن، هڪ هزار يونٽ قائم ڪرڻ ۾ ٽي نسل لڳي وڃن ٿا، گوجرانوالا جي پوري صنعت تباهي جي ڪناري تي آهي.

وياج شرح 10.5 سيڪڙو برقرار، اوڳاڙيون گهٽ ۽ واپاري خسارو وڌيو

ڪراچي (رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ايندڙ ڏيڍ مهيني جي لاءِ وياج جي شرح 10.5 سيڪڙو جي سطح تي برقرار رهندي. اسٽيٽ بينڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وياج جي شرح جو تعين ڪيو ويو. اجلاس کان پوءِ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ هن وياج جي شرح جي حوالي سان اعلان ڪيو.  گورنر بينڪن ۾ روڪ رقم جمع ڪرائيندڙن جي شرح هڪ سيڪڙو گهٽ ڪري 5 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. مانيٽري پاليسي ڪميٽي موجب ڊسمبر ۾ مهانگائي 5.6 سيڪڙو، بنيادي مهانگائي 7.4 سيڪڙو تي مستحڪم رهي. معاشي نمو جي رفتار اميد کان وڌيڪ رهي اها شرح فسڪل ايئر 2026 ۾ 4.75 سيڪڙو جي سطح تائين رهڻ جو امڪان آهي. درآمدات ۾ اضافي سان واپاري خسارو وڌيو. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڪنٽرول ۾ رهيو. ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا 16.1 ارب ڊالر، جون تائين 18 ارب ڊالر کان وڌڻ جي اميد آهي. خانگي شعبن جي قرضن ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. مانيٽري پاليسي ڪميٽي موجب ايف بي آر روينيو جون اوڳاڙيون هدف کان گهٽ رهيو. 329 ارب رپين جي شارٽ فال کي منهن ڏيڻو پيو. بينڪن جي لاءِ ڪيش ريزرويشو 6 کان گهٽجي 5 سيڪڙو تائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هلندڙ مالي سال مهانگائي جي شرح 5 کان 7 سيڪڙو جي حدف اندر رهڻ جي اميد آهي. نجي شعبي جي قرضن ۾ 578 ارب روپين جو اضافو ٿيو. ڊسمبر 2025ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساو 244 ملين ڊالر رهيو. پهرين ٽماهي ۾ گڏيل خسارو 1.2 ارب ڊالر رهيو. درآمدات ۾ اضافي ۽ برآمدات ۾ گهٽٽائي انهي جو وڏو سبب بڻجي. ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۽ آئي سي ٽي برآمدات خساري کي ڪنٽرول ۾ رکيو. هلندڙ مالي سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي 0 کان 1 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جي اميد آهي. جون 2026ع تائين ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا 18 ارب ڊالرن کان وڌي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.