ڪراچي/ ملير (رپورٽر/ ڊ ر) کوکراپار ۾ ڊاڪ خاني ويجهو گهر ۾ باهه، نتيجي ۾ ٽن ورهين جو ٻارڙو سڙي فوت، ٿي ويو، هڪ زخمي، ملير کوکراپار ڊاڪ خانا ويجهو گهر ۾ باهه جي نتيجي ۾ ٻه ٻارڙا سڙي زخمي ٿيا جن مان ٽن ورهين جو ٻارڙو فهد پٽ نادر علي باهه لڳڻ سبب سڙي شديد زخمي ٿيو جنهن کي سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو جيڪو علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻئي ٻارڙي جو علاج جاري آهي، باهه جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي باهه تي ضابطو آندو، ياد رهي ته متاثر گهر ٻه منزلا آهي جنهن جي گرائونڊ فلور تي رهائش ۽ مٿئين منزل تي اسڪول قائم آهي، باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، وڏي وزير پاران کوکراپار جي علائقي ۾ گهر ۾ قائم اسڪول جي باهه واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڪمشنر ڪراچي پاران وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته باهه سبب ٻه ٻارڙا سڙي زخمي ٿيا ۽ گهر ڀاتي پڻ موجود هئا، رهائشي عمارت ۾ اسڪول قائم هجڻ جي معاملي جي مڪمل انڪوائري ڪئي ويندي، جڏهن ته شيرپائو ڪالوني مسجد اقصيٰ ڀرسان گدام ۾ باهه لڳي وئي، باهه جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمون، علائقائي پوليس، رينجرز ۽ فائر بريگيڊ جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي باهه تي ضابطو آندو، باهه واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، باهه لڳڻ سبب گدام ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او قائدآباد محمد علي شاهه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فوم جي گدام کي باهه لڳي جنهن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته باهه سبب ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو ۽ باهه تي مڪمل طور تي ضابطو آڻڻ بعد ڪولنگ جو عمل جاري آهي ٻئي طرف باهه واقعي بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.