کهڙا ۾ شهيد مخدوم عبدالرحمان درگاهه سان لاڳاپيل مدرسي مان شاگرد جو لاش هٿ

خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو/ شاهد نواز سيال) خيرپور ضلعي جي تعلقي گمبٽ ڀرسان کهڙا شهر ۾ درگاهه شهيد مخدوم عبدالرحمان سان لاڳاپيل مدرسي مان 14/15 ورهين جي طالب علم جو ڪمري مان لاش هٿ، علائقي ۾ خوف ۽ حراس، واقعي علائقي کي ڏڪڻي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جو نوٽيس، جڏهن ته مدرسي جي کٿابي نينگر عدنان چنو جو 6جوابدارن تي قتل ڪيس داخل، مولوي عبدالحفيظ کھڙو ۽ سڪندر چاچڙ گرفتار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور ضلعي جي گمبٽ تعلقي جي کهڙا شهر ۾ قائم مدرسي جي هڪ ڪمري مان نينگر شاگرد جو لاش هٿ اچڻ آيو آهي جنهن ڪري مدرسي توڙي علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ فوتي شاگرد جي سڃاڻپ ڳوٺ ارباب چنو جي رهواسي عدنان چنو طور ڪئي وئي، مدرسي جي انتظاميا طرفان موجب نينگر مبينا طور خودڪشي ڪئي آهي ۽ مدرسي انتظاميا واقعي بابت پوليس کي اطلاع ڏيڻ بدران لاش سڌو وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي واقعي جون خبرون ۽ خودڪشي بابت پوسٽون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد کهڙا ٿاڻي جي پوليس حرڪت ۾ آئي ۽ پوليس مبينا خودڪشي ڪندڙ نينگر جي ڳوٺ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ گمبٽ جي گمس اسپتال منتقل ڪيو. ان حوالي سان کهڙا ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته پوليس کي بغير اطلاع ڏيڻ جي لاش وارثن حوالي ڪرڻ انتهائي سنگين ۽ قانون جي ابتڙ عمل آهي، سندس چوڻ موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي واضح ٿي سگهندو ته نينگر واقعي خودڪشي ڪئي يا کيس قتل ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي مدرسي ۾ مبينا خودڪشي ڪندڙ نينگر جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مدرسي جي استاد قاري فون ڪري اطلاع ڏنو ته اوهان جو پٽ موبائيل فون ڀڃي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وارثن اهڙي دعويٰ تي شڪ ظاهر ڪندي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، علائقي جي رهواسين ۽ ٻين شاگردن جي والدين ۾ به شديد ڳڻتي ۽ بيچيني پکڙيل آهي.

  1. آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

خيرپور:واقعي جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پاران واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو کان مڪمل تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي آهي ته نينگر عدنان چنا جي ميڊيڪل رپورٽ، وارثن جي بيانن ۽ سمورن پهلوئن جي روشني ۾ شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي آءِ جي سنڌ وڌيڪ هدايت ڪئي آهي ته نينگر جي وارثن سان سڌو رابطو ڪري کين هر ممڪن قانوني مدد، تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي. سندس چوڻ موجب جاچ مڪمل ٿيڻ بعد واقعي ۾ جيڪو به ذميوار ثابت ٿيندو، ان کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ متاثر خاندان سان مڪمل انصاف ڪيو ويندو، هوڏانهن ساڃاھ وندن، سول سوسائٽي جو چوڻ آهي ته کهڙا مدرسو واقعو رڳو هڪ نينگر جي المناڪ موت جو ڪيس ناهي، پر اهو سماج لاءِ هڪ وڏو سوال آهي ته آخر مدرسي جهڙين مذهبي درسگاهن ۾ ٻارن جي جان، تحفظ ۽ ذهني حالت جي نگراني لاءِ ڪيترا موثر قدم کنيا پيا وڃن هاڻي سڀني جون نظرون جاچ رپورٽ تي آهن جيڪا يا ته هڪ خودڪشي جي دعويٰ جي تصديق ڪندي يا ڪنهن اڻ ڏٺل حقيقت تان پردو کڻندي هنن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ هلندڙ مدرسن جي نگراني ڪن ۽ اهڙن اڻندڙ واقعن جي روڪٿام لاء جوڳا قدم کڻن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.