سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ) چوٽياريون ۾ پيش آيل دل ڏکائيندڙ تشدد واري واقعي ۾ متاثر ڇوڪري شاد بانو ملاح جي حق ۾ وڪيل برادري سخت احتجاج ڪندي نظر آئي، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سانگهڙ جي اهتمام هيٺ وڪيلن ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو، جتي پوليس جاچ، ايف آءِ آر ۽ جي آءِ ٽي تي سنگين سوال اٿاريا ويا، احتجاجي ڌرڻي جي اڳواڻي هاءِ ڪورٽ جي وڪيل شاڪر نواز شر ۽ ڊي بي اي سانگهڙ جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اشرف رحماني ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊووڪيٽ شاڪر نواز شر چيو ته شاد بانو ملاح جي ڪيس ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر جوابدارن کي فائدو پهچائي رهي آهي، جڏهن ته ايف آءِ آر جو متن متاثر ڇوڪري جي بيان جي سراسر ابتڙ لکيو ويو آهي، هن الزام هنيو ته ڪيس ۾ لاڳو ڪيل شقون ڏوهه جي نوعيت موجب ناهن، جنهن جو فائدو جوابدارن کي ڏنو پيو وڃي، وڪيلن جو چوڻ هو ته پوليس نه صرف جوابدارن کي پروٽوڪول فراهم ڪري رهي آهي پر واقعي جي جاءِ ۽ سهولتڪار عناصرن خلاف به ڪا اثرائتي ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي، ايڊووڪيٽ شاڪر شر جي آءِ ٽي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو ته وڪيل برادري جي آءِ ٽي مان مطمئن ناهي، ۽ ان جي جوڙجڪ ۽ قانوني حيثيت تي سنجيده سوال موجود آهن، ايس ايس پي سانگهڙ طرفان ڏنل بيان پڻ قانون جي ڀڃڪڙي جي زمر ۾ اچي ٿو، هن واقعي کي “رياستي دهشتگردي” قرار ڏيندي چيو ته اهڙي سنگين جرم ۾ رياستي دهشت گردي جون شقون شامل نه ڪيون ويون آهن، جيڪو انصاف جي تقاضائن جي ابتڙ آهي، وڪيلن ان ڳالهه تي پڻ شديد ڳڻتي ظاهر ڪئي ته سوشل ميڊيا تي متاثر ڇوڪري شاد بانو ملاح جون نازيبا تصويرون اپلوڊ ڪيون ويون آهن، پر پوليس طرفان اڃا تائين ڪا به اثرائتي ڪارروائي نظر نٿي اچي، وڪيلن موجب متاثر ڇوڪري ۽ سندس والدين کي سوشل ميڊيا تي ٽرائل ڪري ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، احتجاج دوران ڊي ايس پي غلام سرور سولنگي موقعي تي پهتو ۽ وڪيلن سان ڳالهيون ڪيون. وڪيلن جي مطالبي تي ڊي ايس پي غلام سرور سولنگي جي آءِ ٽي جي جوڙجڪ بابت ليٽر پيش ڪيو، جنهن بعد ليٽر وصول ٿيڻ تي وڪيلن پرامن نموني پوليس خلاف نعريبازي ڪندي ڌرڻو ختم ڪيو ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ڏانهن روانا ٿي ويا.