مدثر نارو جي ماءُ ۽ سندس سهارو بڻيل ايمان مزاري

تحرير: حامد مير

هي هڪ ڏکايل ماءُ جو تڪليف سان ڀريل وائس ميسيج هو. اها ماءُ گذريل ستن سالن کان پنهنجي لاپتا پٽ مدثر نارو جي بازيابي لاءِ عدالتن جا ڌڪا کائي رهي آهي. مدثر نارو هڪ صحافي ۽ شاعر هو. 2018ع ۾ هن فيس بڪ تي پنهنجي هڪ پنجابي نظم پوسٽ ڪئي، جنهن تي ان وقت جا طاقتور ماڻهو ناراض ٿي ويا. مدثر نارو 25 جولاءِ 2018ع جي چونڊن جي نتيجن تي به اعتراض ڪيا هئا، جنهن سبب 20 آگسٽ 2018ع تي کيس لاپتا ڪيو ويو. ان وقت سندس پٽ سچل رڳو ڇهن مهينن جو هو. مدثر نارو جي زال صدف ڇهن مهينن جي ٻار کي هنج ۾ کڻي مڙس جي ڳولا ۾ وڏي ڀاڳ ڊوڙ ڪئي، پر مڙس جو ڪو پتو نه پيو. ان ڏکئي وقت ۾ ايمان مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مدثر جي گمشدگي خلاف درخواست داخل ڪئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ صدف به پراسرار نموني فوت ٿي وئي، جنهن کان پوءِ مدثر جي ماءُ پنهنجي پوٽي سچل سان گڏ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي راهدارين ۾ نظر اچڻ لڳي.

هاڻي هن ڏکايل ماءُ جو واحد سهارو ايمان مزاري هئي، جنهن جي ڪوششن سان عدالت مدثر نارو جي گمشدگي واري معاملي تي وزيراعظم عمران خان کي طلب ڪيو. وزيراعظم واعدو ڪيو ته مدثر کي بازياب ڪرايو ويندو، پر اهو واعدو پورو نه ٿيو. پوءِ عمران خان جي حڪومت ختم ٿي وئي ۽ شهباز شريف وزيراعظم بڻجي ويو. عدالت کيس به طلب ڪيو. شهباز شريف 2022ع ۾ پاڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آيو ۽ مدثر نارو جي ماءُ ۽ سندس پٽ سچل سان واعدو ڪيو ته مدثر کي جلد بازياب ڪرايو ويندو. پر وزيراعظم جو اهو واعدو اڄ تائين وفا نه ٿيو، بلڪه جنهن وڪيل ايمان مزاري جي ڪري کين عدالت ۾ اچي اهو ڪوڙو واعدو ڪرڻو پيو، انهيءَ وڪيل کي گرفتار ڪري 17 سال قيد جي سزا ڏياري وئي.

ايمان مزاري ۽ سندس وڪيل مڙس هادي چٺه کي 17، 17 سال قيد سان گڏ مجموعي طور 3 ڪروڙ 60 لک رپين جو ڏنڊ پڻ ڪيو ويو. هيءَ سزا گهٽ ۽ ڪنهن جو غصو وڌيڪ لڳي ٿي. ان ڪري ئي مدثر نارو جي بيوس ماءُ مون کان پڇي ٿي ته ڇا ايمان ۽ هادي دهشتگرد هئا؟ انهن تي ايترو غصو ڇو؟

مدثر نارو جي پوڙهي ماءُ ۽ بيمار پيءُ ايمان مزاري ۽ سندس مڙس جي گرفتاري خلاف احتجاج لاءِ فيصل آباد کان لاهور آيا. پريس ڪلب ٻاهران بينر کڻي ڪافي دير بيٺا رهيا. مدثر نارو جي صحافي دوستن سان گڏ ايمان مزاري جي حق ۾ نعرا هنيا ۽ پوءِ واپس هليا ويا. جيڪي سندن وس ۾ هو، سو هنن ڪري ڇڏيو. ايمان مزاري انهن پوڙهن ماءُ پيءُ جي آخري اميد هئي، ۽ انهيءَ آخري اميد کي 17 سال قيد جي سزا ڏني وئي. هي سزا پيڪا ايڪٽ تحت ڏني وئي آهي. ستم ظريفي اها آهي ته عمران خان جي حڪومت دوران ايمان مزاري جي ماءُ ڊاڪٽر شيرين مزاري وفاقي وزير هئي، ۽ ان دور ۾ به ايمان تي ڪيس داخل ٿيندا رهيا. ايمان اڪثر تحريڪ انصاف جي حڪومت تي تنقيد ڪندي هئي، ۽ سندس ماءُ پنهنجي بچاءَ ۾ چوندي هئي ته مان پنهنجي ڌيءَ جي سياسي خيالن تي ڪا پابندي نٿي لڳائي سگهان.

جڏهن عمران خان جي حڪومت تبديل ٿي ته ڪيترائي ساٿي به تبديل ٿي ويا. ڊاڪٽر شيرين مزاري جي سياسي وفاداري تبديل ڪرائڻ لاءِ مٿس ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو. ان ڪيس ۾ ضمانت ملڻ بعد کيس ٻي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. ان ناانصافي تي ايمان مزاري ان وقت جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه بابت ڪجهه سخت لفظ چيا. باجوه صاحب ناراض ٿي ويو. 26 مئي 2022ع تي هڪ آفيسر جي درخواست تي اسلام آباد جي ٿاڻي رمنا ۾ ايمان مزاري خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو. مقدمو عدالت ۾ پهتو ته ايمان جي وڪيل زينب جنجوعه جنرل باجوه بابت چيل لفظن تي افسوس جو اظهار ڪيو، جنهن کان پوءِ عدالت معاملو نبيريو. سيپٽمبر 2023ع ۾ ايمان تي ٻيهر ڪيس داخل ٿيو، ۽ پوءِ اهو سلسلو هلندو رهيو. ڪمزور ۽ بي بنياد ڪيسن سبب ايمان کي گرفتاري بعد رهائي ملندي رهي، پر پوءِ پيڪا ايڪٽ 2025ع منظور ڪيو ويو.

26هين ۽ 27هين آئيني ترميمون آيون. پيڪا ايڪٽ تحت جڏهن مقدمن جي ٻڌڻي شروع ٿي ته ايمان سمجهيو ته کيس ڇهه ست مهينا جيل موڪليو ويندو. شايد هن کي اندازو نه هو ته سندس جرم تمام وڏو هو. هوءَ رڳو بدتميز نه هئي، بلڪه ٻه وزيراعظم عدالت ۾ طلب ڪرائي چڪي هئي. ڪيترن طاقتور ماڻهن لاءِ سندس چهرو ڏسڻ به گوارو نه هو. ان غصي سبب ايمان ۽ هادي کي عمر قيد کان به وڏي سزا ڏئي ۽ ڳرو ڏنڊ لڳائي دراصل اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته پاڪستان نرم ماڻهن لاءِ هاڻي سخت رياست بڻجي چڪو آهي. اهي نرم ماڻهو اهي آهن، جيڪي پنهنجو نظريو مڙهڻ لاءِ بندوق نٿا کڻن، بلڪه پرامن سياسي ۽ قانوني جدوجهد ڪن ٿا. جڏهن رياست اهڙن نرم ماڻهن سان به دهشتگردن جهڙو سلوڪ ڪري ٿي ته سمجهي وٺڻ گهرجي ته رياست پنهنجي غصي سبب ڪمزور ٿي چڪي آهي.

ايمان مزاري جا مخالف کيس دهشتگردن جي ساٿي چون ٿا ۽ دعويٰ ڪن ٿا ته ايمان جي حمايت ڪندڙن کي به جلد سبق سيکاريو ويندو. اهي ياد رکن ته هڪ حامله خاتون وڪيل کي 17 سال قيد جي سزا ڏئي پاڪستان مضبوط نٿو بڻائي سگهجي. پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته رياست مدثر نارو جي ڏکايل ماءُ کي انصاف ڏئي. اها ماءُ انهن هزارين ڏکايل ماءُرن جي نمائندگي ڪري ٿي، جيڪي بلوچستان کان ڪشمير تائين پنهنجن لاپتا پيارن لاءِ ڌڪا کائي رهيون آهن.

مدثر نارو جو پٽ سچل هاڻي ستن سالن جو ٿي چڪو آهي. ذرا سوچيو ته ڏهه ٻارهن سالن بعد اهو ٻار ڪنهن سان گڏ بيهندو؟ رياستي ادارن جي غصي سان يا ايمان مزاري سان؟ ايمان مزاري کي دهشتگردن جي ساٿي قرار ڏيندڙن کي اهو به ٻڌائڻ گهرجي ته جيڪڏهن ايمان مزاري دهشتگردن جي ساٿي آهي ته پوءِ مدثر نارو جي ڏکايل ماءُ ڪهڙي دهشتگردي ڪئي آهي؟

جيڪڏهن مدثر نارو کي بازياب ڪرايو وڃي ها ته ڪنهن وزيراعظم کي عدالت ۾ اچي سندس پوڙهي ماءُ ۽ ننڍڙي پٽ سان ڪوڙو واعدو ڪرڻو نه پوي ها. جيڪڏهن ڪو اهو سمجهي ٿو ته ايمان مزاري ۽ هادي چٺه کي 17 سال قيد جي سزا ڏيڻ بعد حڪومت ۽ ادارن تي تنقيد گهٽجي ويندي ۽ ماڻهو گرفتاري جي خوف سبب زبانن تي تالا هڻي ويهي رهندا، ته اها وڏي غلط فهمي آهي.

مان اهڙن پڙهيل لکيل ماڻهن کي سڃاڻان ٿو، جيڪي ڪنهن سياسي جماعت سان واسطو نٿا رکن، پر موجوده حالتن سبب سخت مايوس آهن. انهن جو چوڻ آهي ته هاڻي اسان وٽ ٻه ئي رستا بچيا آهن: يا ته پاڪستان ڇڏي ڏيون، يا جيڪڏهن پاڪستان ۾ رهڻو آهي ته پوءِ 17 سال نه، 34 سال قيد جي تياري ڪريون. هن ڊگهي قيد لاءِ جيل وڃڻ ضروري ناهي، ڇو ته جيل جي اندر ۽ ٻاهر حالتن ۾ هاڻي گهڻو فرق نه رهيو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جيڪي حڪمران پنهنجن مخالفن ۽ ناقدن کي ڪوڙن مقدمن ذريعي جيلن ۾ بند ڪن ٿا، اهي ڪڏهن به سڪون جي زندگي نٿا گذارين، ڇو ته ڪنهن نه ڪنهن ڏکايل ماءُ جي بددعا هڪ ڏينهن انهن کي به جيل تائين پهچائي ڇڏي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.