تهران ۾ مهانگائي ۽ ڪرنسي جي گهٽتائي سبب پيدا ٿيل احتجاج کي ڪافي حد تائين قابو ۾ آندو ويو آهي. تهران مان شروع ٿيل هي احتجاج ڏسڻ ۾ ئي ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن تائين پکڙجي ويو هو. ياد رهي ته هي احتجاج واپارين واري طبقي شروع ڪيو هو، جيڪو 1979ع ۾ پهلوي خاندان جي تختي جي ڦرڻ واري عوامي تحريڪ جو پڻ پيشوا هو. احتجاج ۾ واپارين سان گڏ شاگردن ۽ عورتن به سرگرمي سان حصو وٺڻ شروع ڪيو. جيڪڏهن موجوده احتجاج واپارين شروع ڪيو، پر ان جي چڻنگ 2022ع ۾ ايران ۾ عورتن پاران شروع ڪيل سول نافرماني واري تحريڪ هئي. احتجاج دوران رضا شاهه پهلوي جو پٽ، جيڪو آمريڪا ۾ مقيم آهي ۽ جنهن کي آمريڪا ۽ اسرائيل جي کلي سرپرستي حاصل آهي، کلي طور تي مظاهرين سان گڏ ٿيو ۽ اعلان ڪيو ته هو جلد ايران واپس ايندو. پر مبصرن موجب پهلوي کي ايران ۾ عوامي اڪثريت حاصل نه آهي، ۽ حڪومت خلاف احتجاج ۽ نعره بازي پهلوي جي محبت جو اظهار نه پر حڪمرانن سان نفرت جي عڪاسي آهي. گذريل سال اسرائيل سان ٻارهه ڏينهن جي جنگ ۽ ايران جي جوهري تنصيبات تي آمريڪي بمباري سبب ايران جي معاشي ۽ فوجي حيثيت ڪمزور ٿي آهي، پر ان کان وڌيڪ تشويشناڪ ڳالهه اسرائيلي خفيه ايجنسيز جي ايران ۾ وڌندڙ رسائي آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ به ايراني فوجي ڪمانڊرن، جوهري معاملن جي آفيسرن ۽ سائنسدانن تي ٿيندڙ قتل خيز حملا ايران جي سرزمين تي اسرائيلي ايجنٽن جي ذريعي ئي ڪيا ويا هئا. احتجاج دوران صدر ٽرمپ ايران سان ڪاروبار ڪندڙ ملڪن، جن ۾ چين، ڀارت، متحده عرب امارات ۽ پاڪستان شامل آهن، تي 25 سيڪڙو نئون ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن سبب ايراني عوام جون مشڪلاتون وڌيڪ وڌي وينديون. انهي ٽيرف جي اعلان سان گڏ عالمي تيل جون قيمتون نومبر 2025ع کان پوءِ بلند ترين سطح تي پهچي ويون. آمريڪا کي شايد اهو احساس ٿي ويو ته وينيزيلا ۾ جيڪا حڪمت عملي مڪمل ڪم نه آئي، اها ٽي ڀيرا وڌيڪ آبادي واري ملڪ ۾ ٻيهر لاڳو ڪرڻ آسان نه هوندو.
صدر ٽرمپ سڌو فوجي ڪارروائي جي ڌمڪيون واپس ورتيون آهن، پر هاڻي ٽرمپ جي ممڪن ڪوشش اها هوندي ته ايران جي سپريم ليڊر کي هٽايو وڃي. ايران انهيءَ ڌمڪي جو جواب ڏيندي چيو آهي ته اهڙو حملو کلي جنگ جي مترادف هوندو. ماهرن جو خيال آهي ته اهڙو ڪرڻ سان به ايران ۾ حڪومت جي تبديلي ممڪن ناهي. هاڻي جڏهن احتجاج ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي ۽ آمريڪي حملو جو خطرو ٽليو آهي، ته پاسداران انقلاب کي سياسي پختگي ڏيکارڻ گهرجي، ڇو ته مستقبل قريب ۾ ايران جو آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحتي تسلط کان آزاد ٿيڻ مشڪل هوندو. رضا پهلوي جو نالو ان ڪري ورتو پيو وڃي ته حزب اختلاف جي پارٽين کي سياست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اجازت ناهي. ياد رهي ته سڀني جارحيتن ۽ جبر جي باوجود گذريل سال اسرائيل جي حملن دوران اولهه بازو واري پارٽي ٻه ٽوک لفظن ۾ اسرائيلي جارحيت ۽ حڪومت جي تبديلي جي مخالفت ڪئي هئي. اڪيئين صدي ۾ سياسي ڪارڪنن کي مسلسل جيل ۾ رکڻ، عورتن ۽ اقليتن کي سندن جائز حقن کان محروم ڪرڻ ۽ پاڙيسري ملڪن سان سٺا تعلقات نه رکڻ سان ڪنهن به قوم جي ترقي ممڪن ناهي.
ايراني عوام ڪيترن ڏهاڪن کان ناقابل بيان مشڪلاتن سان دوچار آهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ اهي حقدار آهن ته انهن کي وقار ۽ خوداختياري سان پنهنجو سياسي مستقبل طئي ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي. ان ڪري پاسداران انقلاب کي گهرجي ته بغير ڪنهن امتيار جي عوام کي پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو اختيار ڏن، جيئن سڄو سماج گڏجي هڪ واحد محاذ طور اسرائيلي ۽ آمريڪي جارحيتن جو مقابلو ڪري سگهي.
صدر ٽرمپ آمريڪي سامراجيت کي وڌائيندي وينيزيلا ۽ ايران کان پوءِ پنهنجي توپون گرين لينڊ ڏانهن موڪليون آهن. يورپي ملڪ، جيڪي ايران جي معاملي تي خاموش رهيا، گرين لينڊ تي ممڪن جارحيت خلاف ثابت قدمي ڏيکارين ٿا، جنهن کان پوءِ ٽرمپ گرين لينڊ تي فوج موڪلڻ وارن سڀني يورپي ملڪن تي 10 سيڪڙو ٽيرف جو اعلان ڪيو، جنهن سبب نيٽو اتحاد ۾ رخنو پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي.
ماهرن جو خيال آهي ته صدر ٽرمپ قومن جي عروج ۽ زوال جي تاريخ تي مشتمل ڪنهن به ڪتاب جو مطالعو ناهي ڪيو. روم جا بادشاهه پڻ طاقت جي زور تي سلطنت کي اهڙو وسيع ڪيو ته پوءِ ان تي ڪنٽرول نه رهي سگهيو. مفتوح ملڪن ۾ سڃاڻپ جي احساس سبب قوم پرستيءَ جون تحريڪون وڌيون ۽ آخرڪار جرمن قبائل 410ع ۾ روم تي قبضو ڪيو. ساڳي طرح هٽلر جرمني ۾ زمين جي کوٽ جو جواز تراشي پاڙيسري ملڪن تي قبضو شروع ڪيو. اڄ ٽرمپ به گرين لينڊ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اهڙو ئي ڀونڊو جواز پيش ڪري رهيا آهن.
دنيا جي تقريبن سڀني ماهرن جو خيال آهي ته ٽرمپ جي وينيزيلا، ايران ۽ گرين لينڊ خلاف سامراجيت عالمي امن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. اڄ ٽرمپ جي آمريڪي تسلط واري پاليسين جي روشني ۾ ضروري آهي ته ٽئين دنيا جا ملڪ گڏجي اقوام متحده ۽ برڪس جي فورمن تي وينيزيلا ۽ ايران ۾ آمريڪي مداخلت خلاف هڪ واضح موقف اختيار ڪن، جيئن يورپي يونين گرين لينڊ جي معاملي ۾ ڪيو آهي، نه ته آمريڪا هڪ هڪ ڪري انهن سڀني تئين دنيا جي ملڪن کي پنهنجو نشانو بڻائيندو، جتي تيل ۽ معدنيات موجود آهن.