ھر سال جيئن سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ويجھو ايندي آهي ته رياستي ادارن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويندي آهي ھِن سال به ائين ٿيو سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 122ھين سالگرهه جي موقعي تي پوليس ۽ رينجرز قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي خلاف رڻ ٻاري ڇڏيو سالگرهه کان ھڪ ڏِينهُن اڳيئي سن ۽ آسپاس جي علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز جو ڪڙو چاڙهي ھر غير معمولي چرپر شروع ٿي وئي صبح کان وٺي وٺ پڪڙ جو سلسلو شروع ڪيو ويو سالگرهه کان ھڪ ٻه راتيون اڳ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گھرن تي ڇاپا هڻي سوين قومي ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪري اُنھن کي اڻڄاتل هنڌن تي منتقل ڪيو ويو ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي مٿن ايف آئي آرون داخل ڪيون ويون پوليس ۽ ريجنرز پاران ھر اُھا ممڪن ڪوشش ڪري قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي هيسائڻ جون پُوريون ڪوششون ڪيون ويون سَڄي سنڌ جا روڊ رستا بلاڪ ڪيا ويا جيئن قافلا سائين جي ايم سيد جي سالگرهه لاءِ سن نه پُھچي سگهن جنهن کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز سن ۾ پُرامن ٿيندڙ پروگرام ۾ جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري ۽ جسقپ جي چيئرمين نواز خان زئور کي وڏي قافلي سان گڏ سجاول مان روڪي گرفتار ڪيو ويو جيئن ھو ڪنھن به ريت سن نه پُھچي ساڳي ئي وقت جسقم آريسر جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري جمن لاکو کي ھالا مان روڪي گرفتار ڪيو ويو ايتري قدر جو سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جو پينافليڪس به ڦريو ويو جسقم آريسر جيئي سنڌ ناري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪرن نظاماڻي کي بدين مان گرفتار ڪيو ويو ته وري ھوڏانھن سائين جي ايم سيد جي سالگرهه کان ھڪ ڏِينهُن اڳ ھو حيدرآباد مان جسقم آريسر جي جيئمسٽ ڪائونسل جي ميمبر فياض قريشي کي رينجرز۽ پوليس گهر ۾ گھڙي کنڀي گم ڪيو ويو ساڳي ئي وقت جسقم آريسر جي مرڪزي ماليات سيڪريٽري امير باغي جي ڇوڙ واري گهر تي پوليس ۽ رينجرز جي چڙهائي ڪئي وئي ته وري ساڳي ئي وقت جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاھه ڀاڏائي مڪلي واري گھر تي پوليس ۽ رينجرز جي چڙهائي ڪئي وئي سترھين جنوري سائين جي ايم سيد جي 122هين سالگرهه جي موقعي تي سن ويندڙ جسقم اڳواڻن اسماعيل ناز نوتڪاڻي، اشرف ڀھليم، عبدالفتاح چنو، تاج جويو، سرمد خشڪ، وحيد سنڌي، سورٺ لوھار، جسقم ناري تحريڪ جي اڳواڻن الهبچائي ملاح سميت ڪيترن ئي اڳواڻن جي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا جنهن کانپوءِ سنڌين نيشنل ڪانگريس جي چيف آرگنائيزر مُحب آزاد، عائشه سرگاڻي سميت ڪيترين ئي سيد جي عاشقن تي ڪوڙا جڙتو ڪيسن ۾ ڦاسائي مٿس ايف آئي آرون داخل ڪيون کُليل دھشتگردي جو مظاهرو ڪيو آهي ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گھرن تي ڇاپا هڻي گرفتار ڪيو ته وري ڪيترن ئي گاڏين کي روڪي گرفتار ڪري نوشھرو فيروز ۽ مٽياري ٿاڻن تي رکي بعد اُنھن جي مٿان دھشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا ته وري ڪيترن کي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه کان اڳ گھرن تي چڙھايون ڪري اڌ رات جو ڪوٽڙيءَ مان جيئي سنڌ قومي محاذ تعلقي ڪوٽڙيءَ جي صدر فيصل برفت ۽ جساف اڳواڻ فرحان برفت جي گهر تي ويگو گاڏين ۾ سوار ھٿيار بندن چڙھائي ڪري فيصل برفت ۽ سندس ڀاءُ فھد برفت کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي جساف لاڙڪاڻي صدر علي رضا شاھاڻي، قمبر شھدادڪوٽ جو نائب صدر امجد چنا ۽ جسقم، جساف جيڪب آباد جو سڄو قافلو، جسقم شھيد بشير خان نوابشاهه جو قافلو سيف مستوئي سميت چاليهن کان مٿي قومي ڪارڪنن، جسقم ڪنڊيارو ڪارڪن وقاص گوپانگ جي گرفتار ڪيو ويو جسقم بشير خان جي مرڪزي وائيس چيئرمين رمضان ڪلوڙ جي گھر تي چڙھائي ڪري سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ سن طرف ايندي رياستي ادارن ھٿان کنڀي گم ڪيو ويو گذريل رات جسقم آريسر جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح چنو جي گھر تي ڄامشورو پوليس ڇاپو هڻي چورن وانگر موٽر سائيڪل چوري ڪري کڻي وئي وري سنڌ سڀا سرواڻ سنڌي انعام کي نوشھرو فيروز ڪورٽ جي ٻاھران گرفتار ڪيو ويو ڪوٽڙي مان زاھد چنا کي گرفتار ڪيو ويو آھي جسقم ضلعي حيدرآباد جي اڳواڻ جمشير چانڊيو جي گھر تي چڙھائي ڪئي آھي پوليس ۽ رينجرز سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان رياست پاران اھڙو ناروا سلوڪ ڪيو جنھن جي جيتري مذمت ڪئي اوتري گھٽ ھوندي ايتري قدر جو پوليس ۽ رينجرز سن ويجهو آمري پل تي روڊ تي سازش تحت پٿر وڇائي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن کانپوءِ سيد جا ڏنگا ٻار پَنھنجي مدد پاڻ تحت اُنھن پٿرن کي ھٽائي روڊ جي ٻنهي پاسن کان مٽي جا وَڏا ڍير رکي ڇڏيا جنھن کانپوءِ مقامي ماڻهن جي مدد سان ڪوڏريون گھرائي مٽي جا وَڏا ڍير پاسي ڪري رستو کولي ڇڏيو جنھن کانپوءِ قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي چؤطرف ھزارين ماڻھن جي چپن تي جيئي سنڌ جا نعرا سڄي سنڌ ۾ پڙاڏو بڻجي گونجڻ شروع ٿي ويا