لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان چيو آهي ته ڄاڻان ٿو مون تي تنقيد ٿي رهي آهي.
سيناريو بيسڊ پريڪٽس ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي شاداب خان چيو ته جڏهن توهان سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندا آهيو ته تعريف ٿيندي آهي، مان اهو بالر آهيان جيڪو بيٽنگ به ڪري ويندو آهيان، مون تي تنقيد ڪئي ويندي آهي ته بيٽنگ تي ڌيان ڏئي رهيو آهيان.
هن چيو ته گهڻو وقت ڪرڪيٽ کان پري رهيس پر هاڻ واپس اچي ويو آهيان، آسٽريليا خلاف سيريز ورلڊ ڪپ جي تياري لاءِ بهترين آهي، اسان جي اسپنرن ايشيا ڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري، اميد ته ورلڊ ڪپ ۾ به سٺو پرفارم ڪندا.
You might also like