ڀٽو کي ڦاهي جي ڪوريج تي شهرت ماڻيندڙ مارڪ ٽلي لاڏاڻو ڪري ويو

لنڊن/نئين دهلي (م ڊ) براڊڪاسٽر ۽ سينئر صحافي مارڪ ٽلي 90 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مارڪ ٽلي کي اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي ۽ ڪيس جي ڪوريج لاءِ عالمي شهرت ملي. هن بابري مسجد کي ڪيرائڻ سميت ٻين واقعن جي ڪوريج ڪئي، مڇريل ماڻهن کيس يرغمال بڻائي ورتو هو ڇو ته هندو انتهاپسند ويشوا هندو پريشد معاملي تي خوش نه  هئي. هو 1935 ۾ ڪلڪتا ۾ پيدا ٿيو هو، سندس پيءُ واپري هو ۽ ماءُ بنگال ڄائي هئي. مارڪ ٽلي 20 سالن کان وڌيڪ وقت بي بي سي لاءِ دهلي ۾ گذاريو، ڏکڻ ايشيا سميت ڀارت، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ اهم سياسي ۽ سماجي واقعن کي ڪوريج ڏني. 1975 ۾ ايمرجنسي دوران هن کي ڀارت ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو، پر 18 مهينن بعد واپس بي بي سي جي دهلي بيورو جي سربراهي ڪرڻ لاءِ موٽيو. مارڪ ٽلي کي ڀارت جي اعليٰ ترين شهري ايوارڊ پدم شري ۽ پدم ڀوشن سان نوازيو ويو، انهي سان گڏ برطانيا پاران نائيٽ هوڊ سان نوازيو ويو. مارڪ ٽلي ڪيترن ئي حساس ۽ خطرناڪ حالتن ۾ رپورٽنگ ڪئي، جهڙوڪ بنگلاديش ۾ جنگ، سريلنڪا ۾ تامل ٽائيگرز جي بغاوت، ۽ افغانستان تي سوويت حملو. سندس موت تي، بي بي سي جي عبوري سي اي او چيو ته هو پرڏيهي صحافت جو علمبردار هو ۽ سندس رپورٽنگ ڀارت جي صورتحال کي دنيا تي واضح ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.