سنڌ حڪومت وڌيڪ ٻن اهم آفيسرن کي هٽائي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران اهم آفيسرن جون  بدليون ڪيون ويون، گريڊ 19 جي آفيسر محمد علي شاهه کي مڪاني کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري جي عهدي تان هٽايو ويو، سنڌ حڪومت پاران اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ساڳئي وقت ييلو لائن بس ٽرانزٽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي کي پڻ سندن عهدي تان هٽايو ويو، ٻنهي آفيسرن کي حڪم ڏنو ويو ته هو فوري طور تي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.