ڪراچي ۾ 418 رستا ٻيهر تعمير ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (شهر جي 418  رستن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ڪي ايم  سي جي ترجمان موجب ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي صدارت هيٺ انجنيئرنگ کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ميئر ڪراچي چيو ته حڪومت طرفان فنڊز جي منظوري جو عمل جاري آهي ٽينڊرز جلد جاري ڪري ترقياتي ڪم فوري طور شروع ڪيا وڃن، مرتضيٰ وهاب چيو ته شهري انفراسٽرڪچر کي جلد بهتر بڻائڻ جي ڪوشش آهي ته جيئن ڪراچي جا ماڻهو تبديلي محسوس ڪري سگهن، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تحت ڪراچي لاءِ اضافي فنڊز ۽ اسپيشل پيڪيج فراهم ڪيو پيو وڃي، ميونسپل ڪمشنر سميرا حسين کي هدايت ڪئي وئي ته هر منصوبي ۾ بييوٽيفڪيشن شامل ڪئي وڃي ۽ شاهراهون نه صرف مڪمل پر خوبصورت به بڻايون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.