دادو(رپورٽ: غوث جھتيال) دادو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نادر جمالي ڪيس ۾ اهم عدالتي اڳڀرائي ٿي آهي عدالت پوليس پاران پيش ڪيل چالان تي وارثن جي اعتراض بعد ٻيهر جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، دادو ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نادر جمالي جي ڪيس ۾ اهم عدالتي اڳڀرائي ۾ فورٿ سول جج ماجسٽريٽ دادو جي عدالت پوليس پاران پيش ڪيل چالان تي نادر جمالي جي وارثن طرفان وڪيل جي معرفت داخل ڪيل اعتراضن تي ٻڌڻي ڪندي چالان جي ٻيهر جاچ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ڪالهه ٿيل ٻڌڻي دوران نادر جمالي جي وارثن جي وڪيلن عدالت ۾ تفصيلي دليل ڏيندي چيو ته پوليس پاران پيش ڪيل چالان هڪ طرفو، غير شفاف ۽ حقيقتن جي ابتڙ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي اهم رخن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. وڪيلن عدالت کي آگاهه ڪيو ته واقعي بابت سنجيده نوعيت جا الزام هوندي به ايس ايس پي دادو، ڊي ايس پي ۽ لاڳاپيل ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي عهدن تان نه هٽايو ويو آهي، جيڪا جاچ جي غير جانبداري تي وڏو سوال بڻيل آهي، عدالت ۾ وڪيل پير هني موقف اختيار ڪندي چيو ته جڏهن الزام سڌي ريت پوليس آفيسرن تي لڳل آهن ته پوءِ اهي ئي آفيسر ڪهڙي ريت ايماندار ۽ شفاف جاچ ڪري سگهن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ پيش ڪيل چالان کي قانوني حيثيت نٿي ڏئي سگهجي عدالت دليلن کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ڪيس جي شفاف ۽ غير جانبدار جاچ لاءِ ڊي آءِ جي کي باقاعده لکيو ويندو ته هو ضلعي دادو کان ٻاهرين ڪنهن ايماندار ۽ غير جانبدار آفيسر کي جاچ لاءِ مقرر ڪري، چيو پيو وڃي ته عدالت پوليس پاران پيش ڪيل موجوده چالان کي جهڙوڪي تڪراري يان کٽل قرار ڏيندي ٻيهر جاچ جو حڪم جاري ڪيو ٻئي پاسي عدالت ۾ موجود مقتول نادر جمالي جي ڀاءُ بابر جمالي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو واضع مطالبو آهي ته فوري طور تي ايس ايس پي، ڊي ايس پي ۽ لاڳاپيل ايس ايڇ اوز کي عهدن تان هٽايو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ هن ڪيس ۾ ملوث آهن، بابر جمالي چيو ته جيڪي آفيسر پاڻ الزام هيٺ آهن، اهي ڪيس جو ڪئير آف ڪيئن ڪري سگهن ٿا، اسان انصاف چاهيون ٿا، ڪوڙو مقابلو ظاهر ڪري اسان جي ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو آهي، هاڻ عدالت جو فيصلو اسان لاءِ اميد جو ڪرڻو آهي، اسان آخري حد تائين قانوني جنگ وڙهنداسين ته جيئن نادر جمالي سان ٿيل ناانصافي جو ازالو ٿي سگهي.