لکي غلام شاهه(ت ر) رستم ويجهو گهرو اڻبڻت تان ڏيرن هٿان بندوق جا فائر ڪري عورت کي قتل ڪري ڇڏيو، رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ حسن چنه جوابدار ڏيرن مبينا طور گهرو اڻبڻت تان ڀاڄائي سيما زال عبدالرزاق چنه کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي خانپور اسپتال منتقل ڪيو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو. اطلاع تي مقتولا عورت جو مڙس پڻ ڪراچي کان پهچي ويو هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ته واقعي گهرو اڻبڻت تان ٿيو آهي يا ڪجهه ٻيو آهي ان بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.